نسلي بنيادن تي قوم جو تصور

ڪي ڌريون نسلن کي جدا قوم جو نالو ڏينديون آهن. جيڪو رجحان صحيح ڪونهي. انساني نسل ڪي سماجي فرقا نه پر حياتياتي فرقا هوندا آهن. نسلي خاصيتون، ڌار قومي خاصيتون نه پر حياتياتي خاصيتون هونديون آهن، جيئن: چمڙي جو رنگ، وارن جو رنگ ۽ بناوت ۽ اکين جي شڪل وغيره. انهن حياتياتي خاصيتن جي بنياد تي دنيا ۾ ڪيترائي انساني نسل وجود رکن ٿا.

اهي نسل ڪي ڌار قومون نه هوندا آهن پر انهن خاصيتن جا ماڻهو ڪيترن ئي نسلن سان لاڳاپو رکندي به هڪ ٻولي، هڪ وطن، هڪ قومي ڪردار ۽ اقتصادي لاڳاپن جي ڪري هڪ قوم جا فرد هوندا آهن. انهن کي رڳو رنگ ۽ نسل جي بنياد تي ورهائي جدا قومون سڏي نه ٿو سگهجي. اڄ به ڪيترن ئي مختلف نسلن جا ماڻهو جديد قومي اصولن تحت، قومون اَڏي ڪري رهيا آهن. ڪيوبا ۾ ٽن نسلن جي ماڻهن جديد قومي اصولن تحت هڪ قوم کي جنم ڏنو آهي. هو جدا رنگ، ۽ جدا نسل جي هوندي به ٻولي، وطن، قومي ڪردار ۽ اقتصادي لاڳاپن جي بنياد تي هڪ قوم جا فرد آهن. آمريڪا جي ڪيترن ئي رياستن ۾ ڪاري نسل ۽ اڇي نسل جي ماڻهن گڏجي قوم جي جديد اصولن جي بنياد تي پنهنجا قومي وجود تسليم ڪرايا آهن. ڇو جو نسلي خاصيتون، قومن جي ٺاهڻ ۾ ڪوبه بنيادي ڪرادار ادا نه ڪنديون آهن. انساني گروهن کي نسل ۽ رنگ جي بنياد تي ورهائڻ خود هڪ غلط آهي. جيئن مظلوم ۽ محڪوم قومن جا فرد پاڻ ۾ جديد قومي اصولن جي بنياد تي اتحاد قائم نه ڪري سگهن.

رنگ ۽ نسل جي بنياد تي فاشسٽن پنهنجا جارحاڻا مقصد پورا ڪرڻ لاءِ ان قومي تصور کي هوا ڏني آهي. هو پوئتي پيل ڪاري رنگ نسلن تي پنهنجو قبضو برقرار رکڻ ۽ سندن ڦرلٽ کي وڌيڪ جٽاءُ دار ڪرڻ لاءِ اڇي رنگ جي نسلي مٿڀرائيپ جو پٽڪو پٽين ٿا. هنن آريائي نسل جي ٻي سڄي دنيا مٿان برتري جو انسانيت دشمن نظريو گهڙي پنهنجن فسطائي مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ ميدان هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان غلط تصور جي بنياد تي سائوٿ آفريڪا، پورچوگال ۽ آمريڪا ۾ ڪي بورجوا نظريئي ساز پنهنجا غلط مقصد پورا ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن ۽ هڪ قوم جي فردن ۾ رنگ ۽ نسل جي بنياد تي نفرت ۽ نفاق جو ٻج ڇٽي رهيا آهن.

اڇي رنگ جي گروهن جا بورجوازي رنگدار گروهن مٿان پنهنجو قبضو برقرار رکڻ ۽ سندن ڦرلٽ کي وسيع ڪرڻ لاءِ اڇي رنگ جي گروهن جي مٿڀرائپ ۽ اتم هجڻ جون اجايون ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ ڪاري رنگ جي گروهن مٿان پنهنجي قبضي کي جائز ۽ قدرتي اصولن جي مطابق ڪوٺي رهيا آهن. جڏهن ته اڄ جي جديد دور سندن انهن غلط دعوائن جي قلعي کولي ڇڏي آهي ۽ اهو ثابت ڪيو آهي ته مڙني نسلن جا ماڻهو هڪ جهڙين صلاحيتن جا مالڪ هوندا آهن. اڇي رنگ جي گروهن جي ترقي جو سبب، سندن رنگ نه پر انهن جون ملڪي حالتون ۽ وسيلا آهن ۽ اهڙي طرح رنگدار گروهن جي ماڻهن جي پوئتي پوڻ جو اصل سبب سندن رنگ نه پر سندن مٿان ڦرلٽ ڪندڙن جو نوآبادياتي ظلم ۽ ڏاڍ آهي.

ان جو واضح مثال اهو آهي ته اڄ جن رنگدار گروهن آزادي ورتي آهي ۽ اڃا به اڳتي وڌي سوشلسٽ نظام نافذ ڪيو آهي ته هو اڄ سفيد فامن جو مقابلو ڪري رهيا آهن ۽ هو اقتصادي طرح تمام گهڻو اڳتي وڌي ويا آهن. ان ڪري رنگ ۽ نسل جي بنياد تي قومن جي تشڪيل يا ڪن مٿان ناجائز قبضو نه صرف غلط آهي پر اهو انسانيت جي ترقي ۽ واڌ ۾ پڻ وڏي رڪاوٽ آهي. ان ڪري دنيا جي انصاف پسند قومن ۽ ملڪن ۽ خاص ڪري گڏيل قومن کي اهڙن رجحانن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. جيئن سڄي دنيا جا ماڻهو رنگ ۽ نسل جي فرق کان مٿاهان ٿي عالمي ڀائيچاري ۽ ترقيءَ جي واٽ وٺي سگهن. [1]

حوالا سنواريو

  1. قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي، ليکڪ؛ رڪ سنڌي آرڪائيو ڪيا ويا 2020-10-29 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌسلامت ڊاٽ ڪام