نسخ خط
نسخ خط (Naskh Script)، نسخ جي لفظي معنيٰ آهي ”ٻي سڌي شيءِ ان جي جاءِ تي آڻڻ.“ مطلب تہ اڳين صورت ڀلي موجود هجي پر ان جي جاءِ تي ٻي شيءِ آڻڻ. موجوده سنڌي نسخ خط ۾ لکبي آهي. موجوده خطِ نسخ جي صورت تمام گهڻو پوءِ وجود ۾ آئي ان کان اڳ خط ڪوفي رائج هو. جيڪو عراق، ڪوفي ۽ بصري ۾ هلندڙ هو. خط ڪوفيءَ ۾ نقطا ڪونہ هئا، انڪري پڙهڻ ۾ مشڪل هو، پر عربن لاءِ مشڪل نہ هو، عرب ان خط ۾ لکيل هر لفظ يا سٽ آسانيءَ سان پڙهي ويندا هئا. لفظن جي صحيح سڃاڻپ لاءِ سن 65ھ ۾ حجاج بن يوسف جي هدايتن مطابق خاص طور مذهبي ڪتابن تي زيرون زبرون، پيش، شد، مد وغيره جون علامتون ڏنيون ويون ۽ خط نسخ جي موجوده صورت قائم ٿي[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.