هندوستان ۾ ”ڪو خدا ناهي“ جو تصور ايترو ته پراڻو آهي جو سنسڪرت ٻولي ۾ ان لاءِ هڪ الڳ سان ”نرسوارا وادا (Nasira-vada) جھڙو ٻول يا لفظ پڻ موجود آهي. جنهن جو مطلب آهي ”ڪو خدا ڪونهي (Godlessness). عام هندي ٻوليءَ ۾ ان کي ناستڪ (Naastak) چون ٿا. آستڪ (Aastak) عقيدي ۽ نيڪ هئڻ کي چون ٿا. ان حوالي سان ٽي سوچ ويچار ڌارائون يا اسڪول آف ٿاٽ آهن جن کي ناستڪ ويڇار سمجھيو وڃي ٿو. جين ازم (Jainism)، ٻڌ ازم (Buddhism) چارواڪا (Charvaka)، جن آڳاڻي هندو ڌرم جي ويدانت (پوتر يا مقدس متن) کي رد ڪيو.

هندو ڌرم جيتوڻيڪ هڪ ڌرم کان وڌيڪ ميٿاڊالاجي آهي، پر ان سان گڏوگڏ اها هڪ فلاسافي پڻ آهي. هندومت جون ٽي شاخون سمکيا، يوگا ۽ ميميسا) اهڙيون آهن، جيڪي شخصي خدا، خالق خدا يا اهڙو خدا جنهن سان نالن واريون ايٽريبوٽس يا خاصيتون سلهاڙيل هجن کي خدا کي رد ڪن ٿيون. سمکيا ۽ يوگا ابدي خالق يا ابدي خدا کي نٿيون مڃن ۽ ميمسيا وارن جو چوڻ آهي ته ته ويد ڪنهن خدا، ڀڳوان يا ايشور نه لکيا آهن.

اهي هندو جيڪي ملحد آهن سي هندو مت کي مذهب جي بدران ان کي ”ويَ آف لائيف“ چون ٿا. سوامي وويڪندا (Swami Vivekananda) جي سمجھاڻي جي مطابق، ڪجهه ڌرم يا مذهب چون ٿا ته جيڪو انسان، شخصي خدا کي نٿو مڃي، اهو ملحد آهي. پر ويدانت چون ٿا ته جيڪو پاڻ کي (پنهنجي روح کي) خدا نٿو مڃي اهو ملحد آهي.

رَڳ ويد (Rigveda/ऋग्वेद) جيڪا تمام گھڻي آڳاٽي ڌرمي يا مذهبي لکت آهي، ان ۾ پڻ شڪ جا ڪيترائي اشارا ملن ٿا ته ڇا هن دنيا کي سچ پچ ۾ ڪنهن ديوتا، خدا يا ڀڳوان ٺاهيو آهي. رڳ ويد ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي ته ” هي ڪائنات ڪڏهن ٺهي، ڪيئن تخليق ٿي، ... خدا ان کانپوءِ آيا جڏهن ڪائنات تخليق ٿي وئي.“ برهما کي هڪ هنڌ چيو ويو آهي ته، ”هي جيڪو سڀ ڪجهه (everything) آهي اهو (nothing) آهي. شروعاتي پَوِتر يا مقدس ويدن کان پوءِ ڪيترائي اهڙا مفسر پڻ آيا جن خالق پرسن خدا جي وجود جو انڪار ڪيو ۽ چيو ته ”انساني عمل“ ئي انساني زندگي کي سَرهائي ڏيڻ لاءِ اهم ۽ مکيه آهي. 450 ورهيه اڳواٽ انڊيا ۾ اهڙا به مذهبي فلاسفر يا مفسر پيدا ٿيا هئا جن وڏي واڪي ملحداڻا نظريا آڏو اندا يا مهتما ٻڌ وانگر خدا جي معاملي تي ماٺ رهيا. ڪارواڪا يا چارواڪا (Charvaka) ته آهي ئي ماديت پسند فلسفو. ڪارواڪا مابعد الطبيعاتي دنيا يا مرڻ کان پوءِ جي زندگي کي مڃڻ کان ئي انڪاري آهي. چارواڪا جو زمانو ڇهين صدي عيسوي جو آهي. مهاويرا ۽ گوتم ٻڌ جي هم عصرن ۾ به اهڙيون شخصيتون ملن ٿيون، جن ”تصور خدا“ (Tasawar-e-Khuda) جو انڪار ڪيو هو.[1]

حوالا سنواريو

  1. ہندوستانی فکری اور مذہبی روائت میں الحادی افکار کا وجود، ليکڪ؛ ارشد محمود