ندين جا فردي جياپي جا حق

ندين جا فردي جياپي جا حق (Personhood Rights of Rivers)

سنواريو

ندين يا دريائن کي قانوني فردي جياپي جا حق ڏيڻ جو تصور، جنهن کي "دريائن جي فردي حقن" جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، درياهن کي انساني حقن سان ملندڙ جلندڙ قانوني حقن کي مڃڻ شامل آھي. اها تحريڪ، ڏيھان ڏيھي يا عالمي سطح تي زور وٺي رھي آھي ته مختلف ملڪن دريائن کي جاندارن جي حيثيت سان مڃڻ لاءِ قانون پاس ڪيا آهن، ته جيئن انساني حقَ آھن تيئن ندين کي به قانون جي ذريعي تحفظ ڏئي سگھجي. اهي قانون انهيءَ ساڃاھ جي آڌار تي آهن ته، نديون به، انسانن وانگر آھن ۽ ماحولياتي نظام جي قدرتي اِيڪو سسٽم جي توازن لاءِ لازمي آهن.

ندين يا دريائن لاءِ فرد جي حقن جو فريم ورڪ، انساني حقن سان سلھاڙيل آھي، زندگي ۽ حياتياتي رنگارنگي کي برقرار رکڻ واري ڪردار تي زور ڏئي ٿو. جيئن انسان جي زندگي ڪيترن ئي مذهبن ۽ ثقافتن ۾ پوِتر ۽ مقدس آهي، قتل کي سنگين ڏوھ سمجهيو ويندو آهي، تيئن دريائن کي ڪنھن به نقصان کان بچائڻ جي حق کي مڃيو ويو آھي.

دنيا جي ڳچ ملڪن پنهنجين ندين کي جياپي جا فردي (legal rights of personhood for rivers) ڏنا آھن. ان جو هڪ اهم مثال ڪيوبيڪ، ڪئناڊا ۾ ميگپي ندي (Magpie River) جي قانوني فردي جياپي جي حق کي مڃيو ويو آهي. 2021ع ۾، درياءَ کي قانوني فردي شخصيت جا خاص حق ڏنا ويا آھن، جن ۾ ھيٺ ڄاڻايل حقَ شامل آهن:

1. آزاديءَ سان وهڻ جو حق.

2. ان جي قدرتي سائيڪل جو احترام ڪرڻ جو حق.

3. ان جي قدرتي ارتقا جي حفاظت ڪرڻ جو حق.

4. پنهنجي قدرتي ۽ فطري حياتياتي رنگارنگي کي برقرار رکڻ جو حق.

5. ان جي ماحولياتي نظام جي اندر ضروري ڪم کي پورو ڪرڻ جو حق.

6. ان جي سالميت کي برقرار رکڻ جو حق.

7. گدلاڻ کان محفوظ رهڻ جو حق.

8. ٻيهر بحالي جو حق.

9. درياءَ کي پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ عدالت ۾ ڪيس ڪرڻ جو حق.

انهن حقن جو مقصد اهو يقيني بڻائڻ آهي ته درياءُ هڪ جاندار جي حيثيت رکي ٿو، ته جيئن اھو انساني نقصان کان آزاد، ۽ پنهنجي ماحولياتي ڪردار کي برقرار رکي وھندو رھي. تحريڪ ماحولياتي تحفظ جي طرف هڪ وسيع ڦيرڦار جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ اهو مڃي ٿي ته ماحولياتي نظام، دريائن سميت، اندروني قدرتي وھڪرن آهن کي قانوني طور بچائي سانڍيو وڃي.

اهو تصور ڪارپوريٽ شخصيت جي طور ڏٺو ويو آھي، جتي ڪارپوريشن کي ادارن جي حيثيت ۾ قانوني حق ڏنا ويندا آهن. ساڳيءَ طرح، دريائن کي هاڻي ”ادارو“ سمجهيو وڃي ٿو، جيڪي عدالت ۾ پنهنجي ڀلائي جو بچاءُ ڪرڻ جو حق رکن ٿا. مختلف مُلڪن ۾ اھڙن جو لاڳو ٿيڻ ۽ انھن قانونن جي ارتقا ڏيکاري ٿي قدرتي وسيلن جي حفاظت جي ضرورت، وڌندڙ شعور کي ماحول سان هڪ پائيدار ۽ ذميوار تعلق جي حصي طور ڏٺو پيو وڃي. [1]

  حوالو ڏسندا

سنواريو
  1. iaoj. "Personhood Rights of Rivers". Indus Asia Online Journal (Click here to go to home page). حاصل ڪيل 2024-12-18.