نبض
دل جي ڌڙڪڻ سان صاف ۽ آڪسيجن ڀريل رت دل جي کاٻي ڪنوتي مان نڪري شاهه شريان (Aorta) ۾ پمپ ٿيندو آهي ته، جيئن سڄي جسم ۾ دورو ڪري سگهي. شاهه شريان ۾ داٻ سان رت اچڻ جي ڪري ان جو ڪجهه حصو ڦهلجي وڃي ٿو. دل جي ڌڙڪن جي وچ ۾ وقفو ٿيندو آهي، انهيءَ وقفي دوران شاهه شريان جي ڀت سُسي اصلي حالت ۾ اچي وڃي ٿي، جنهن جي ڪري دل ڏانهن ايندڙ رت انهيءَ شريان ۾ اڳتي ڌڪجي وڃي ٿو. شريانن جي لچڪ واري خاصيت جي ڪري، واري واري سان سوسڻ ۽ ڦنڊڻ جي هڪ لهر پيدا ٿئي ٿي، جيڪا جسم جي شريانن جي سڄي نظام ۾ ڊوڙي ٿي. انهيءَ لهر کي ڪنهن به شريان تي محسوس ڪري سگجي ٿو، پر شرط اهو آهي ته، شريان کل جي ويجهو ۽ ڪنهن هڏي تي هجي، جيئن ويڻيءَ ۽ لوندڙي وغيره تي، انهيءَ لهر جي هر هر اچڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو نالو نبض آهي. جيئن ته، نبض جو درومدار دل جي سسڻ ۽ ڦنڊڻ تي هوندو آهي، تنهن ڪري اسان کي دل جي ڌڙڪڻ جي رفتار سرشتي ۾ رت جي داٻ (Blood Presure) بابت به معلومات ملي ٿي.
عام طرح نبض ويڻيءَ تي ڏٺي ويندي آهي، ويڻيءَ تي شريان گوشت ۾ لڪل ناهي هوندي، پر کل جي هيٺان هوندي آهي، اتي ان کي ڦڙڪندي محسوس ڪرڻ سولو هوندو آهي. نبض جو دارومدار جسم جي رت جي ضرورت تي آهي. آرام واري حالت ۾ ان جي رفتار گهڻو ڪري 72 کان 80 ڌڙڪا في منٽ هوندي آهي، پر ڊوڙڻ جي صورت ۾، ڏاڪڻ تي چڙهڻ يا ورزش ڪرڻ سان ان جي رفتار وڌي وڃي ٿي. بيماريءَ جي حالت ۾ به نبض تيز ٿي ويندي آهي. دل جي بيمارين ۾ نبض يڪسان ناهي رهندي پر بي ترتيب ٿي ويندي آهي. ٻارن ۾ به نبض جي رفتار وڏن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿيندي آهي.[1][2]
حوالا
سنواريو- ↑ Sindhi Adabi Board Online Library (Science_n_Tech)
- ↑ ڪتاب: ٻالڪ سائنسي انسائيڪلو پيڊيا