نافرمان کي انگريزيءَ ۾ لاڪسپَر چوندا آهن. هي تمام مشهور يڪ – سالو گل آهي. ٻج اصل زمين ۾ پوکجي، جيئن ٽپائڻو نه پوي. هي سياري جي موسم ۾ نڪرندو آهي، تنهنڪري نومبر کان اڳي پوکڻ اجايو آهي. بعضي ڇڻيل ٻج مان ساڳيءَ جاءِ تي، ٻئي سال نومبر ۽ ڊسمبر ڌاري ڪيترائي سلا پاڻهئي نڪري پوندا آهن. ٽَڪرن تي هي گل چڱو ٿيندو آهي. گل نيلا يا آسماني رنگ جا ٿيندا اٿس. زمين چڱي هئڻ کپي ۽ پاڻي ايترو ڏجي جيئن زمين آلي رهي. هن جا ٻه ٽي قسم آهن. هڪڙا يڪي ڏانڊيءَ يا ٿُڙ وارا، ٻيا ٽاريون ڪڍندڙ.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو