ناظم جوکيو قتل ڪيس

ناظم جوکيو قتل ڪيس (انگريزي: Murder of Nazim Jokhio) سنڌ ۾ ٿيندڙ ھڪ هاءِ پروفائيل قتل ڪيس آھي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 236 (ملير-I) جي ميمبر ڄام عبدالڪريم بيجار مبينہ طور سالار ڪوٽ ۾ 3 نومبر 2021ع تي ناظم سجاول جوکيو کي تشدد بعد قتل ڪري ڇڏيو.[1]

قتل کان پوءِ ڄام عبدالڪريم دبئي فرار ٿي ويو، جنھن کان پوءِ ملير جي جڊيشل ميجسٽريٽ 27 جنوري 2022ع تي ملزم کي مفرور قرار ڏنو.[2] 7 فيبروري 2022ع تي ناظم جوکيو ڪيس دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ منتقل ڪيو ويو.[3] 12 جنوري 2023ع تي عدالت سڀني ملزمن کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو.[4]

حوالا سنواريو