ناخدا مسجد
ناخدا مسجد (گجراتي: ناخدا:ملاح) هندستان جي ڪولڪتا جي پرنسپل مسجد آهي، جيڪا ڪولڪتا شھر جي ڪاروباري ضلعي ۾ بورا بازار جي چتپور علائقي ۾ ذڪريا اسٽريٽ ۽ رابندر آسراني جي چوڪ تي آهي.
ناخدا مسجد | |
---|---|
ناخدا مسجد، رات جی وقت | |
بنيادي ڄاڻ | |
جاءِ | کولکتہ، انڈیا |
مقانيت | 22°34′35″N 88°21′21″E / 22.57639°N 88.35583°E |
وابستگي | اسلام |
Rite | حنفي |
ضلعو | کولکتہ |
صوبو | اولھہ بنگال |
ويبسائيٽ | nakhodamasjid |
تفصيل تعميرات | |
تجويز اڏاوت | کچھی میمن جماعت |
قسم اڏاوت | مسجد |
قسم اڏاوت | اسلامی، مغل |
مڪمل سال | 1926ع |
تعميراتي لاڳت | 1,500,000 روپیا |
خصوصيتون | |
Direction of façade | اولھہ |
گنجائش | 10,000 |
قبو | 3 |
منارا | 27 |
منارن جي اوچائي | 151 فوٹ |
تعمير
سنواريوهيءَ مسجد سڪندرا، آگره ۾ مغل شهنشاهه اڪبر جي مقبري جي نقل طور ڪڇ جي سني مسلمان برادري جي هڪ ننڍڙي جماعت ڪچي ميمن جماعت طرفان ٺاهي وئي هئي.[1][2][3][4] ناخدا مسجد اولهه بنگال ۽ اوڀر هندستان ۾ سڀ کان وڏي مسلمان مسجد آهي، جنهن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. سال 1854ع کان اڳ موجوده ماڳ تي ٻه مختلف مسجدون هيون. حاجي ذڪريا جيڪو انهن ڏينهن ۾ ڪچي ميمن سوداگر ۽ ڪاروباري ٽائيڪون هو، باقاعده نمازي هو. ڪچي ميمن هڪ مسلمان برادري آهي، جيڪي سال 1823ع کان پوءِ ڪلڪتي ۾ آيا. حاجي ذڪريا ٻين سني مسلمانن جو اڳواڻ هو، جيڪي موجوده مسجد جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ آباد هئا. ان مسجد جو نالو ”ناخدا“ يعني ”ملاح“ رکيو ويو. ان جي تعمير جو ڪم سال 1926ع ۾ شروع ٿيو ۽ سا 1935ع ۾ مڪمل ٿيو .نئين مسجد جي تعمير لاءِ ڪلڪتي جي سڀني وڏن ڪچي ميمن حصو ورتو. پر عبدالرحيم عثمان سڀ کان وڏو عطيو ڏيندڙ هو. سال 1926ع ۾ ان جي تعمير تي ڪل خرچ 1,500,000 هندستاني روپيا آيا. مسجد جي ٻيهر تعمير جو ٺيڪو هڪ برطانوي انجنيئرنگ ڪمپني، ميڪنٽوش برن اينڊ ڪمپني کي ڏنو ويو.
حوالا
سنواريو- ↑ Indo-British Review, Volume 22, Issue 1, Indo-British Historical Society, 1996.
- ↑ Calcutta's edifice: the buildings of a great city by Brian Paul Bach 2006
- ↑ The Book review, Volume 25
- ↑ Urban roots of Indian nationalism: pressure groups and conflict of interests in Calcutta City politics, 1875-1939.