نئين سال جي شام
نئين سال جي شام (جنهنکي ڪئي ملڪن ۾ گزيل سال جو ڏينهن يا سينٽ سليويسٽر جو ڏينهن پڻ چيو ويندو آهي) منجهان مُراد عيسوي ڪئلينڊر ۾ سال جو آخري ڏينهن، يعني 31 ڊسمبر هوندو آهي۔ ڪيترن ئي ملڪن ۾، نئين سال جي شام ملهائڻ جي لاءِ شام جي وقت سماجي اجتماع (گڏجاڻيون) ٿينديون آهن، جِتي ماڻهون رقص ڪندا آهن، کائيندا پيئندا آهن ۽ نئين سال جي آغاز تي آتش بازي ءَ جو مُظاهرو ڪند آهن يا ڏِسندا آهن ۔ عموماً هي تقريبون آڌيءَ رات يعني پهرئين جنوري (نئين سال جو ڏينهن) شروع ٿيڻ تائين جاري رهنديون آهن۔ نئين سال کي خوش آمديد چوڻ وارن ۾ سڀ کان پهرئين سامووا ۽ ڪيريباتي جي بعض علائقا ايندا آهن، جڏنهن ته سڀ کان آخر ۾ گڏيل آمريڪي رياستون جي جزيرو بيڪر جي واري ايندي آهي۔
نئين سال جي شام | |
---|---|
نئين سال 2012-13 جي شام جي موقع تي سڊني، آسٽريليا ۾ ماڻهن جو هجوم، آتش بازي جو هي مظاهرو انهن ماڻهن کان علاوه لکين ماڻهن پنهنجي ٽيلي ويزن تي پڻ ڏٺو | |
قسم | بين الاقوامي |
اهميت | عيسوي سال جو آخري ڏينهن |
تقريبون | رات دير تائين دعوتون؛ خاندان جا اجتماع؛ تواضع؛ تحفن جيڏي وٺ؛ آتش بازي؛ سماجي اجتماع (گڏجاڻيون)، جن ۾ شرڪت ڪندڙ رقص ڪندا آهن، کائيندا پيئندا آهن ، الڪوحل نوش ڪندا آهن، ۽ آتش بازيءَ جي مظاهري سان لطف اندوز ٿيندا آهن |
تاريخ | 31 ڊسمبر |
دورانيو | 1 ڏينهن |
تقرر | سالياڻو |
لاڳاپيل | نئين سال جو ڏينهن |