نئون ٺاهه يا نيوڊيل (New deal) نئين حڪمت عملي هڪ اصطلاح آهي. فرينڪلن ڊيلينو رُوز ويلٽ 1933ع کان 1945ع تائين آمريڪا جو صدر رهيو. امن جي زماني ۾ هن جي پاليسي يا نيتين کي ”نئون ٺاهه“ جو نالو ڏنو ويو. انهن نيتين جو مقصد 1929ع ۾ وڏو معاشي گهوٽالي (Great Depression) جي روپ ۾ ٿيل اهڙن سياسي ۽ معاشي هاڃيڪارين جي اثرن کي ختم ڪرڻ هو، جنهن لکين آمريڪين کي بيروزگاري ۽ بدحاليءَ جي اوڙاهه ۾ وجهي ڇڏيو هو. صدر روز ويلٽ اهو اصطلاح سڀ کان پهريائين ڊيموڪريٽڪ جماعت پاران صدارتي چونڊ لاءِ سرگرمين مهل پنهنجي تقرير ۾ 1932ع ۾ ڪتب آندو. ان پروگرام مطابق ملڪ مان بيروزگاريءَ جو خاتمو ڪرڻ، صنعت کي وڌائڻ، زراعت، واپار ۽ ٽرانسپورٽ کي سٺو ڪرڻ، ۽ ٻيا ڪيترا ئي پروگرام شروع ڪرڻ هيو. هن پاليسيءَ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ کي وڏي سگهه بخشي ۽ اُها چونڊن کان پوءِ ايوان توڙي اقتدار ۾ اڪثريت حاصل ڪري وئي. [1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد