يو سي 36 مھر وڏا (انگريزي: U C 36 Maher Wada) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا باقراڻي تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي باقراڻي جي يو سي 11 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 26,797 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ مھر وڏا ھڪ وڏو ڳوٺ آهي جيڪو لاڪاڻو سرڪيولر روڊ تي دادو ڪئنال جي ساڄي ڪپ تي واقع آهي ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ جتوئي، مھر، شيخ، بروھي، ڀٽا، سيد، ابڙا، ماڇي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ مسو جتوئي، مھر وڏا، کبڙ شيخ، حافظ رضا محمد بروھي، پير رانجهن شاھ، ڳوٺ پنجل ڀٽو، ڳوٺ علي اڪبر شاھ، ديھ دنداڻو (آبادي 11,755)، ديھ جتوئي ڇڇر (آبادي 7,915), ديھ مھر وڏا (آبادي 4,288)، ديھ مير خان ابڙو (آبادي 2,839)، ڳوٺ دنداڻو، ڳوٺ مير خان ابڙو ۽ اسوٽ ڪوٽ، ميھڙ ننڍڙو، زمان ڳوٺ, ڳوٺ موليڏنو ماڇي ۽ ٻيا شامل آهن.

مھر وڏا
يو سي 36 مھر وڏا عرف دنداڻو
يونين ڪاؤنسل
باقراڻي تعلقي جي يو سي 11
مھر وڏا is located in سنڌ
مھر وڏا
مھر وڏا
مھر وڏا is located in Pakistan
مھر وڏا
مھر وڏا
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°30′46″N 68°14′08″E / 27.51278°N 68.23556°E / 27.51278; 68.23556مڪانيت: 27°30′46″N 68°14′08″E / 27.51278°N 68.23556°E / 27.51278; 68.23556
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو باقراڻي تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 26,797

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين عبدالرحمان جتوئي ۽ وائيس چيئرمين عنايت الله ڀٽو چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ علي اڪبر شاھ جو سڪندر علي شاھ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت جي سھولتن لاء ھتي ڪوبه سرڪاري ادارو ڪانه آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/