مڪتوبات

تناک جو ٽيون ۽ آخرين حصو

مڪتوبات نثري ادب جي ھڪ صنف آھي. ھن صنف ۾ ڪنھن اھم شخصيت، بزرگ، سياستدان، سماجي ڪارڪن يا اديب جا مڪتوبات محفوظ ڪيا ويندا آھن، جن ۾ اهڙي شخصيت جا خط، دستاويز، دستخط، بياض، آٽوگراف ۽ تصويرون وغيره شامل هونديون آهن. صرف خطن تي مشتمل ڪتابن کي مڪتوبات چئبو آهي، جهڙوڪ: ’مڪتوبات الامين‘ ڪتاب ۾ سياستدان امين کوسي جا مختلف شخصيتن کي لکيل خط شامل آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.