مک

جيتن جي ترتيب

مک جيتن جو ھڪ نسل آھي. مکيون انسانن لاءِ ڪجهه معاملن ۾ فائديمند ۽ ڪجهه معاملن ۾ نقصانڪار آھن.

مک

مک ٻن کنڀن وارن جيتن ۾ تمام عام آهي، جا اڪثر گهرن ۾ اُڏامندي ۽ ويهندي ڏسبي آهي. هوءَ ڇيڻن جي ڍيرن ۽ ٻين گندين جاين تي آنا لاهيندي آهي. هڪڙي ڏينهن منجهه آنن مان ٻچا ڦٽندا آهن. پهريائين اهي لسا ڪينئان ڏسبا آهن، جن کي مٿو يا ٽنگون ظاهر ناهن، رڳو وات ۾ ننڍڙا ڪُنڊا ٿين ٿا. اهي اٽڪائي، هو پنهنجي بڀري هيڏي هوڏي گهيليندا ۽ ڪچري تي گذر ڪندا وتندا، آرام جي جاءِ ڳولين ٿا ۽ اتي ٻين جيتن وانگي آرام جي حالت ۾ پئجي رهن ٿا. ٻين ٻن هفتن کان پوءِ هنن کي کنڀ نڪرن ٿا ۽ اُٿي اُڏامن ٿا. مکيون جانورن جي بت جي پگهر ۽ ٻيءَ پاڻيٺ تي پرنديون آهن. ميوي ۽ مٺاڻ واري شئي تي گهڻي چاهه سان اينديون آهن. مکي جي اک مرڪب آهي، اها اٽڪل چئن هزارن ننڍڙين اکين مان جڙيل آهي. کاڌي چوسڻ لاءِ هڪڙي ننڍڙي سونڊ اٿس، جا مهل تي ٻاهر ڪڍندي آهي. مک اونڌي به هلي سگهي ٿي جو هن جي پيرن ۾ ٻه ٻه چنبا آهن، جن ۾ به ننڍڙا وهاڻا لڳل آهن، جن تي هوءَ آسانيءَ سان پاڻ کي جهلي بيهاري سگهي ٿي. [1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: حشرات الارض؛ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن :1973؛سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو