مُڪمل سرسي يا ائبسوليوٽ ايڊوانٽيج (Absolute advantage) هڪ ڌُر يا مُلڪ طرفان ساڳي لاڳت ذريعي ڪنهن به وکر کي ٻين مُلڪن يا ڌُرين جي ڀيٽ ۾ جهجهي مقدار ۾ پيدا ڪرڻ واري صلاحيت کي چيو وڃي ٿو. هي اصطلاح سڀ کان اڳ اسڪاٽلئنڊ جي معاشي ماهر ’آدم ايڊم سمٿ‘ (1790-1723) بين الاقوامي واپار جي حوالي سان ڪتب آندو هو. واپار ۾ ”مُڪمل سرسي“ تڏهن ملي سگهي ٿي، جڏهن ڪو به مُلڪ سستي پورهيي، گهٽ مواصلاتي خرچ ۽ بهتر ٽيڪنالاجيءَ ذريعي، مقابلي ۾ آيل ٻين ڌُرين کي پوئتي ڇڏي ڏئي ٿو. اهڙي طرح منڊيءَ ۾ خاص وکر/ خدمت ۽ پيداوار جي حوالي سان سندس هڪ هٽي قائم ٿي وڃي ٿي. هي اصطلاح بچاءُ ۽ معاشي حوالي سان ، ڪنهن ڌُر يا رياست کي ٻين رياستن مٿان مليل برتريءَ کي پڻ واضح ڪندو آهي. [1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري آرڪائيو ڪيا ويا 2018-09-22 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد