مُهاڙ (Muhaarr)، محاذ يا فرنٽ (Front) ڏيهان ڏيهي يا بين الاقوامي لاڳاپن جو هڪ اصطلاح آهي جنهن کي مُختلف معنائن ۾ ورتو وڃي ٿو، جن مان ڪُجھ مکيه معنائون هتي ڏجن ٿيون: 1. جنگ جي منظرنامي ۾ ٻن تڪراري ڌُرين وچ ۾ موجود پٽيءَ تي مُهڙ ۾ موجود فوجن جي پوزيشن 2. سياسي تحريڪن منجهان اهڙيون تنظيمون، جيڪي ڪنهن خاص مقصد جي حاصلات (ڪنهن خاش حُڪومت جي خاتمي) لاءِ هڪٻئي سان سهڪار ڪندي، گڏيل محاذ قائم ڪن. جيئن زمبابوي ۾ ”پيٽرياٽڪ فرنٽ“ ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ ”يونائٽيڊ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ“ نالي محاذ عمل ۾ آيا ۽ اُنهن ملڪن آزاديون ماڻيون 3. ڪو به اهڙو گروھ، جيڪو ڄاڻي واڻي قائم ڪيو ويو هُجي ۽ اُن کي اصل ۾ ڪنهن لڪل مقصد يا اداري جي مُفادن لاءِ استعمال ڪجي. سندس قائم ڪندڙ جي رٿابنديءَ ۾ اهڙي گروھ جي اهميت، اصل منزل تائين پهچڻ لاءِ هڪ ابتدائي ڏاڪي واري هُجي ٿي. ”محاذ“ بابت اهو تصور سوويت يونين جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ وڏي اهميت رکندو هُئو. خاص طور انقلاب جي مُنڍ ۾ سوويت مُدبر ”ليئون ٽراٽسڪي“ (Leon Trotsky) هن سلسلي ۾ تمام گهڻي مهارت ڏيکاري. [1]

حوالا سنواريو