مَٽيارين جو موتُ ويندي چي ويرم

ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور ۾ مٽياريءَ جي ڪجهه عالمن فتوا ڏني هئي ته جنهن هندوءَ ڪنهن مسلمان کي ”ادا“، ”ڀائو“، ”يار“، ”دوست“ يا اهڙي لفظ سان ڳالهايو ته اهو ڄڻڪ مسلمان ٿي ويو، ان دور ۾ باقيل پوٽا سيدن جي پڳدار حاجي ميراوِل شاهه وٽ ته هندن کي مسلمان ڪرڻ جي سَند هئي، ادا، ڀائو ۽ يار چوڻ وارن هندن کي جهلي وٽس آندو ويندو هو ۽ پوءِ ان کي زوريءَ مسلمان ڪري هٿ تي مُهر هڻي ڇڏيندا هئا ۽ پوءِ هندن جو اندر ساڙڻ لاءِ ان کي ڪلهن تي کڻي شهر جو سرگس ڪرايو ويندو هو، اهو سلسلو انگريزن جي دور ۾ به ڪجهه عرصي تائين جاري رهيو. [1]

حوالا سنواريو