ميها هنن جي به ڪدوءَ جي قسم جهڙي ول آهي. هي گدرن سان پوکيندا آهن، يا جوار يا ٻاجهريءَ جي ٻنيءَ ۾ پوکيندا آهن. ميهي کي هندستانيءَ ۾ دلپسند چوندا آهن. سانوڻ جي موسم ۾ ٿيندا آهن. هيءَ عام ڀاڄي آهي. انگريزيءَ ۾ سٽرَلَس چوندا اٿس.[1] ميهن جون وليون ٻنين ۾ ڀاڄيءَ لاءِ پوکبيون آهن، ۽ جهنگ ۾ ازخود به اُڀرينديون آهن. هيءَ ول جلد وڌي ڦل ڪندي آهي، تنهنڪري ٻئي فصل يا ڀاڄين کان اڳ ۾ ميها ٿيندا آهن، جي ڀاڄي جي ڪم اچن.[2]. ٿري ماڻهو ميهن کي ”تينڏِسِيُون“ چون. هن جا ٻه قسم ٿيندا آهن: هڪ قسم جا ميها سنڌي صوفن جيڏا، رنگ گهاٽو سائو، البت ٿورو ڪاراڻ تي مائل ٿيندو آهي. ڪچن ميهن جي ڀاڄي مَلُوڪ ٿئي، پر اهي ترت پچي پوندا آهن. پچڻ بعد اُنهن ۾ ڪاري رنگ جو ٻج ٿيندو آهي. ڳر بنهه گهٽ هوندي آهي. ڀاڄي لاءِ ٻج ڪڍي ڇڏبو آهي، باقي رڳي مٿئين کل بچندي آهي، جنهن جي ڀاڄي اهڙي مزيدار نه ٿيندي آهي. ٿري ويچارا ته ٻج جا ڪجهه داڻا ڪڍن ۽ ڪجهه پيا رهن، ڀاڄي رڌي کايو ڇڏين.[2]. ٻئي قسم جا ميها رنگ جا سفيد ۽ وڏڙا ٿيندا آهن، انهن کي ”مالَهَڻَ تِينڏسِيون“ چون. اهي ڳردار هونديون آهن ۽ دير سان پچنديون آهن، انهن جي ڀاڄي وڻندڙ ٿيندي آهي. ميها ٻنين ۾ جام ٿيندا آهن، پاڻ به کائين ۽ غريب ماڻهو چونڊي وڪرو به ڪندا آهن. هنن کي ٻوٽي سڪائي رکندا آهن، جي پوءِ سڄو سال ڀاڄيءَ جي ڪم آڻيندا آهن[2].

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
  2. 2.0 2.1 2.2 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو