ميڪائو(انگريزي: Macau ) يا (انگريزي: Macao ) عوامي جمهوريه چين جي ھڪ مخصوص انتظامي ريجن جو نالو آهي جيڪا ڏکڻ چيني سمنڊ سان لڳندڙ اولھ پرل ندي جي ڊيلٽا ۾ واقع آهي. ان جي آبادي 6،80،000 آھي[6] ۽ پکيڙ 32.9 چورس ڪلوميٽر آھي ۽ اھو دنيا جو سڀ کان وڌيڪَ گھاٽي آبادي وارو شھر آھي. 1557ع ۾ اھو منگ گھراڻي جي بادشاھ واپاري ڪوٺي جي لاء پورچوگال کي ليز ڪري ڏنو ھيو جنھن بعد اھو پورچوگيزي ايمپائر جي ڪالوني ٿيو.پورچوگال ان جي مسواڙ 1887ع تائين چيني حڪومت کي ادا ڪندو آيو. ان سال چيني پورچوگيزي پيڪنگ وارو معاھدو ٿيو جنھن تحت پورچوگال ان علائقي جا ڪالوني وارا حق حاصل ڪيا. اھا ڪالوني پورچوگيزي راڄ ھيٺ 1999ع تائين قائم رهي ۽ ان سال ميڪائو جو انتظام چين جي حوالي ڪيو ويو. چين ۾ سوشلسٽ نظام ھجڻ باوجود چين ھن شھر کي مخصوص انتظامي ريجن جو درجو ڏئي الڳ معاشي نظام برقرار رکيو آھي[7]. اصل ۾ ميڪائو ڇڊي آبادي واري ٻيٽن جو ميڙ ھيو[8] ھاڻي جي شھر ھڪ وڏو رزارٽ وارو شھر آھي ۽ دنيا ۾ جوئا جو مرڪز آھي. ھن شھر جي جوئا واري صنعت آمريڪي شھر لاس ويگاس کان ستوڻي وڏي آھي[9] ھن شھر جي في ڪس آمدني دنيا ۾ سڀ کان وڏي آھي ۽ ان جي مساوي قوت خريد واري في ڪس جي ڊي پي دنيا جي اوچي جي ڊي پي ۾ شامل آهي.[10][11] ھن شھر جو انساني ترقي جو اشاريو تمام اوچو آهي ۽ ماڻھن جي متوقع زندگي جي شرح دنيا ۾ چوٿين نمبر تي آهي

ميڪائو

Macau

ميڪائو واري عوامي جمهوريه چين جي مخصوص انتظامي ريجن

ميڪائو جو جھنڊو
جھنڊو
ميڪائو جي سرڪاري مھر
سرڪاري نشان
چين منجھ مقام
چين منجھ مقام
ملڪ عوامي جمهوريه چين
پورچوگيزي ليز 1557
پيڪنگ وارو معاھدو 01 ڊسمبر 1887
چيني پورچوگيزي مشترڪه اعلان 26 مارچ 1987
اقتدار جي منتقلي 20 ڊسمبر 1999
سڀ کان وڏوپارش
آبادي جي لحاظ کان
نَوسَا سَينھَورا ڊِي فاطمه
سرڪاري   ٻوليون
سرڪاري لکت
نسلي  گروھَ
(2016)
88.4% ھان
4.6% فلپائيني
2.4% ويٽنامي


1.7% پورچوگيزي


2.8% ٻيا[2]
آبادي جو نالو ميڪائوئي يا ميڪنيز
حڪومت سوشلسٽ رياست منجھ منتقلي واري انتظاميه
• صدر
زي جنپنگ
ھو ائت سينگ
• انصاف ۽ انتظام وارو سيڪريٽري
چيئونگ وينگ چون
سانچو:Ill
• ميڪائو جي اپيل واري ڪورٽ جو صدر
Sam Hou Fai
قانونساز ادارو ليجسليٽو اسيمبلي
پکيڙ
•  ڪل
115.3 km2 (44.5 sq mi)
•  پاڻي  (%)
73.7

حوالا سنواريو

  1. Macau. The World Factbook. Central Intelligence Agency.
  2. Population By-Census 2016, p. 6.
  3. "Local NPC Deputies' Election Slated for Dec 17". Macau News. 27 November 2017. https://macaunews.mo/local-npc-deputies-election-slated-dec-17/. 
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 "World Economic Outlook Database, October 2020". IMF.org. International Monetary Fund. وقت 20 September 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 13 October 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  5. "The World Factbook". CIA.gov. Central Intelligence Agency. حاصل ڪيل 19 October 2019. 
  6. "Macao Population (2020) - Worldometer". www.worldometers.info. وقت 23 December 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2020-10-25.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  7. Landler 1999.
  8. du Cros 2009, p. 75.
  9. Sheng & Gu 2018, p. 72.
  10. ""GDP per capita, PPP (current international $)", World Development Indicators database". وقت 6 October 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 15 September 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  11. Sheng & Gu 2018, pp. 77–78.