ميشرس وسيامل آسومل

ميشرس وسيامل آسومل(انگريزي: Messers Wasiya Mal Asoo Mal) برٽش انڊيا واري دؤر ۾ مانجھند جو ھڪ واپاري فرم.مانجهند جي سرزمين کي اهو فخر حاصل آهي ته اتي وسيامل آسو مل جهڙا محب وطن ماڻهو پيدا ٿيا جن سنڌ کا ٻاهر جپان، لٽا، فاڪلينڊ ٻيٽن، سائوٿ آمريڪا ۽ جبرالٽر ۾ پنهنجون تجارتي ڪوٺيون قائم ڪري اتان تمام گهڻو ناڻو ڪمائي پنهنجي وطن سنڌ موڪليندا رهيا. حيدرآباد، ڪراچي ۽ مانجهند ۾ فلڪ بوس عمارتون تعمير ڪرايون وسيامل آسومل دنيا جي اندر انگريز سلطنت شاهي خلاف هلندڙ جدوجهد جو چڱي نموني اڀياس ڪيو. ان ڪري هن ملڪ کان ٻاهر رهندڙ سنڌ ورڪين کي چندربوس ۽ مهاتما گانڌيءَ جي مدد ڪرڻ جي ترغيب ڏيندو رهيو. [1]

حوالا سنواريو

  1. مانجهند جا سنڌ ورڪي-- عبدالله مگسي؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ