نورنگ واهه (تعلقو قنبر) جي درسگاهه جو باني، مولانا مير محمد ولد محمد هاشم جاگيراڻي بلوچ، وڏو عالم ۽ مــُدرس ٿي گذريو آهي. سندس ولادت تعلقي قنبر جي ڳوٺ راضي ڳوڙو ۾، 18 شوال 1284ھ (1866) تي ٿي. ابتدائي استاد والد بزرگوار هيس، ۽ بعد ۾ پير ڳوٺ (تعلقو قنبر) ۾ رهندڙ مولوي عبدالله ۽ مولوي فيض محمد ٻير واري وٽان فارسي پڙهيو. علم صرف و نحو ۽ منطق جي تعليم ڳوٺ اَبڙا مان مولانا محمد اسماعيل وٽان حاصل ڪيائين. ڪجهه ڪتاب مولوي عبدالله بنگلديرائي ۽ مولوي غلام محمد آگري وٽ به پڙهيو. پني عاقل ۾ مولانا قمرالدين اِنڍڙ وٽان به منطق جو درس ورتائين. ٻن سالن بعد مولانا نظر محمد ڀُنگ (ملتان) واري کان مستفيض ٿيو. ان کان پوءِ لاهور ۾ مولانا امام بخش محدث بهاولپوريءَ جي خدمت ۾ رهيو،جتان 1314ھ (1895ع) ۾ حديث جو درس پورو ڪري، واپس ڳوٺ پهتو. پاڻ هڪ نيڪ سيرت ۽ شريف النفس انسان هو. پنجيتاليهه ورهيه درس و تدريس ڏنائين. سال 1325ھ (1907ع) ۾ فريضه حج ادا ڪيائين. سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جا نامور عالم سندس شاگرد ٿي رهيا. ڇاهتر ورهين جي ڄمار ۾، جمع جي رات، تاريخ 10 محرم الحرام 1361ھ (1942ع) تي ڳوٺ نورنگ واهه ۾ وفات ڪيائين ۽ اُتي ئي آرامي آهي. علامه نورنگي صاحب کي پنهنجو وڏو ڪتبخانو هوندو هو، جنهن ۾ سترهن - ارڙهن سؤ عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي ڪتاب هوندا هئا. انهن ۾ قلمي ڪتابن جو تعداد اڌ تي هو. وفات وقت سمورو ڪتبخانو سندس فرزند، مولوي غلام محمد سنڀاليو. هن وقت هي ڪتبخانو نالي ماتر آهي.[1]

  1. لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪتبخانا-- ميمڻ عبدالغفور سنڌي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ