مير فتح علي شاهه
ليکڪ ۽ شاعر
تاريخ پيدائش: 1985ع
جاء پيدائش: ڳوٺ چيلهه ضلع عمرڪوٽ

مير فتح علي شاه اسلام ۾ ڦهليل فرقيواريت جي خاتمي ۽ مسلمانن ۾ ٻڏي پيدا ڪرڻ لاءِ مسلم نوجوانن ۾ هڪ تحريڪ جوآغاز ڪيو . انهي مشن کي وڏائڻ لاءِ پاڻ ڪيتريون ئي مضمون تحرير ڪيا. پاڻ هن وقت اسلامڪ پريڇنگ سينٽر جا صدر آهن

ولادت سنواريو

مير فتح علي شاه 18 جنوري 1985 عيسوي جي صبح سنڏ جي تاريخي شهر عمرڪوٽ جي لڳ ڳو ڇيله ۾ هڪ سيد گهراڻي ۾ جنم ورتو، سندن گهراڻو علمي ۽ ادبي لحاظ کان هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو ، سندس والد سيد علي محمد شاه عاجز عمرڪوٽ ضلعي جي مشهور و معروف شخصيتن مان هڪ آهن ، سندن ڏاڏو ميون محمد حسن شاهه پنهجي دور جو ڪامل ولي گذريو آهي جنهن بابت قاضي عبدالرحمان هاليپوٽو پنهجي هڪ مقالي ۾ لکن ٿا ته مرحوم ميان حاجي محمد حسن شاهه وڏو عالم ۽ علم دوست ٿي گذريو آهي سندس سڄي زندگي درس تدريس ۽ عالمن جي خدمت ۾ گذري ، ميون صاحب مولودن جو به وڏو شائق هو ، سنڌ جا مشهور مولودي جسڪاڻي ۽ مڱڻهار وٽس سال ۾ ٻه ٽي ڀيرا ايندا هئا ، ميئن صاحب جي چانهه جڳ مشهور هئي ، جيڪا صبح ۽ شام هلندي هئي ۽ جنهن ۾ هر وقت 25 کان 30 ماڻهو شريڪ هوندا هئا ، ميون صاحب ٻانگ ۽ نماز جي وقت جو سخت پابند هو ، نماز به پاڻ پڙهائيندو هو ۽ ٻانگ به گهڻو ڪري پاڻ ڏيندو هو هي بزرگ به پنهنجي اباڻي قبرستان چيلهه ۾ آرامي آهي . پاڻ حضرت شاه اسماعيل رح بن سيد تاج الدين عرف شاهه طريل جي اولاد مان آهن جن جي آخري آرامگاه ضلعي بدين جي قديم شهر ٽنڊي باگي ۾ آهي . هي بزرگ دين اسلام جي تبليغ جي سلسلي ۾ هتي آيا هئا.

تعليم سنواريو

مير فتح علي شاه پنهنجي تعليم دور جو آغاز آبائي ڳوٺ چيلهه کان شروع ڪيو جنهن بعد پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ داخلا ورتائون ، جنهن بعد کين سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ سائيڪالاجي ڊپارٽمنٽ ۾ داخلا ملي ، سندن ڪتاب نمي دانم ۾ پاڻ ڪجهه مضمون سائيڪالاجي تي پڻ لکيا اٿن

فرقيواريت سنواريو

دين اسلام ۾ وڏندڙ فرقيواريت ۽ مولوين جي ذاتي جهڳڙن جي ڪري اسلام کي جيڪو نقصان پهتو آهي ان جي مثال دنيا جي آڌو آهي ، مسلمان تفرقي جي وجه سان دنيا جي ڪمزور قوم بڻجي ويا آهن. مير فتح علي شاه مسلمانن ۾ ديني شعور پيدا ڪرڻ ۽ متحد ٿي رهڻ لاءِ تحريرن کان آغاز ڪيو . جن مان ڪجهه هن ريت آهن

  • فرقيواريت
  • فرقيواريت جو انجام
  • اسان مان ڪافر ڪير آهي؟
  • اچو قرآن جي طرف
  • قرآن کي سمجهڻ جو آسان طريقو

خدمتون سنواريو

حوالو سنواريو