مير حسام الدين(انگريزي: Mir Hussamuddin) مغلن جو ٺٽي جو صوبيدار يا گورنر ھيو. مرزا عیسیٰ ترخان کان پوءِ 2 رجب 1037 ھجري تي سيد بادشاهه جي صوبيداريءَ جو فرمان جاري ٿيو، پر هو ٺٽي ڏانهن ايندي رستي ۾ ئي گذاري ويو. ان کانپوءِ ساڳي سال خواجا باقي خان المعروف شير خواجا کي ٺٽي جي صوبيداري سونپي وئي هن به واٽ تي ئي دم ڏنو. 22 رمضان 1037ھ تي خلعت، خنجر، مرتضيٰ خان جي خطاب ۽ پنجاهه هزار روپين انعام سان نوازجي شير خواجه جي جاءِ تي ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين[1].مرزا حسام الدين مرتضيٰ خان انجو (1037ھ کان 1039ھ) جي مقرري شير خواجا بعد 22 رمضان 1037ھ تي ٿي ۽ 1039ھ ۾ ٺٽي ۾ ئي وفات ڪري ويو. مظفر شاهجهاني مطابق ٺٽي پرڳڻي جي ويراني مرتضيٰ انجو جي زماني ۾ ٿي[1].

مير حسام الدين
مرتضیٰ خان
ٺٽي جو مغل گورنر
1037ھ کان 1039ھ
پيشرو شير خواجہ
جانشين امير خان
ريجنٽ شھنشاھ شاھجھان
مذھب اسلام

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي