مير انيس
مير انيس | |
---|---|
(اردو ۾: میر ببر علی انیس) | |
معلومات شخصيت | |
ڄم | سال 1800 [1][2] |
موت | 10 ڊسمبر 1874 (73–74 سال)[1][3][4][2] لکنئو [5][6] |
رهائش | لکنئو |
عملي زندگي | |
پيشو | شاعر [7][4] |
ڪم جي ٻولي | اردو [1] |
ترميم |
مير ببر علي انيس 1220ھ مطابق 1805ع ۾فيض -آباد- ۾ پيدا ٿيو. سندس والد مير خليق (مرثيه گو شاعر) ۽ جدِ اعليٰ مير حسن دهلوي هو. مير انيس لکنؤ ۾ -تعليم- حاصل ڪئي، عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ ڪامل دسترس حاصل ڪرڻ کانپوءِ فنِ شاعريءَ ۾ ڪمال حاصل ڪيائين. شروع ۾ غزل گوئيءَ جو شوق هوس مگر شفيق پيءُ جي نصيحت تي غزل گوئي ڇڏي سلام، نوحه، مرثيه ۽ رباعيون چوڻ شروع ڪيائين. مير انيس کي -ٻه ڀائر- هئا، مير نواب مونس (صاحب ڪليات) ۽ مير مهر علي ’انس‘ (صاحب ڪليات)، مير انيس جا ٻئي ڀائر پنهنجي دور جا مشهور مرثيه گو ۽ سلام گو شاعر هئا، ليڪن انيس جو درجو اعليٰ هو. اها حقيقت آهي ته مرثيه گوئيءَ جي شروعات سنڌ مان ٿي، اردوءَ ۾ مرثيي کي مير انيس ۽ ميرزا سلامت علي دبير اوج تي رسايو ۽ سنڌيءَ ۾ ’سيد ثابت علي شاهه‘، ’ميرزا فتح علي بيگ‘، ’مير حسن علي خان -ٽالپر-‘ ۽ ’ميرزا ٻڍل بيگ مرثيي کي عروج تي رسايو. -اردو- جي مرثيه گو شاعرن ۾ ’ميرزا دبير‘ ۽ ’مير انيس‘ کي اهو مقام حاصل ٿيو، جيڪو وري ڪنهن کي به نه مليو. مير انيس 29 شوال 1291ھ مطابق 9 ڊسمبر 1874ع ۾ لکنؤ ۾ وفات ڪئي. مير انيس جو سنڌ سان گهرو تعلق آهي. سندس مرثيا ۽ سلام سنڌ ۾ عزاداريءَ جي ڏهاڙن ۾ -پڙهيا- ويندا آهن ۽ سندس -اردو- مرثين جا منظوم ترجما سنڌ جي ڪجهه مرثيه گو شاعرن ڪيا آهن. مير انيس جو تقريباً سڄو ڪلام شايع ٿي چڪو آهي، ليڪن سنڌ ۾ به ڪافي ڪاتبن ميرزا دبير ۽ مير انيس جا مرثيا نقل ڪيا آهن، انهن ۾ -آخوند محمد عالم-، ميرزا ٻڍل بيگ، ميرزا قاسم علي بيگ، ميرزا قربان علي بيگ ۽ ميرزا -امام- علي بيگ جا نالا قابل ذڪر آهن. انهن جي -بياض- ۾ مير انيس، ميرزا دبير ۽ ٻين -اردو- شاعرن جا اڻ ڇپيل لاتعداد مرثيا قلمي صورت ۾ موجود آهن.[8]
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 1.2 Bibliothèque nationale de France ID: https://catalogue.bnf.fr/ark:/12148/cb14443720h — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — عنوان : اوپن ڈیٹا پلیٹ فارم — اجازت نامو: Open License
- ↑ 2.0 2.1 FAST ID: https://id.worldcat.org/fast/71293 — subject named as: Mir Babbar Ali Anis — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ Open Library ID: https://openlibrary.org/works/OL2844A?mode=all — subject named as: Mir Babbar Ali Anis — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — مصنف: Aaron Swartz — اجازت نامو: GNU Affero General Public License, version 3.0
- ↑ 4.0 4.1 http://www.poemhunter.com/poem/karbala-part-i/
- ↑ http://timesofindia.indiatimes.com/city/lucknow/Here-lies-the-epitome-of-poetic-injustice/articleshow/41893733.cms
- ↑ https://rekhta.org/poets/meer-anees/profile
- ↑ http://www.poemhunter.com/poem/karbala-part-i/comments.asp
- ↑ انيس مير : (Sindhianaسنڌيانا)