ميان آدم شاھ ڪلھوڙو

تحفة الڪرام موجب سن 1592ع ۾ مغل ڪمانڊر عبدالرحيم خانخانان سنڌ جي فتح وقت ميان آدم شاھه وٽ دعا لاءِ آيو ھو. خانخانان بزرگ جي لنگر خاني لاءِ چانڊڪي ۾ جاگير ڏني ھئي، ليڪن اڳتي ھلي مغلن ۽ آدم شاھه ۾ تصادم ٿيو. ميان صاحب کي ملتان ۾ کڻي ويا، جتي کيس ڦاسي ڏنائون.[1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌ ۾ ڪلھوڙا حڪمراني (ھڪ سرسري جائزو) --محمد نامدار خان بوزائي ؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ 2004ع