صوفي موھن لال ولد پريم داس آھوجا، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل ۾ 17 ڊسمبر 1845ع تي ڄائو، ننڍپڻ ۾ ڳوٺ ۾ پيءُ سان گڏ ھٿ ونڊائيندو ھو، سندس طبيعت شروعات کان ئي صوفين ۽ ساڌن جي صحبت ۾ گذري، انھيءَ ڪري نوشھري فيروز جي نقشبندي بزرگ، شاھ نصير الدين صوفيءَ جو معتقد ٿيو. سڄي عمر راڳ ويراڳ ۾ صرف ڪندي آخري عمر، لاڙڪاڻي شھر جي اوڀارين طرف -اوتارو- (-تڪيو-) اڏي گذارڻ لڳو. 18 شعبان 1223ھ/12 مارچ 1925ع تي وفات ڪيائين. سيوھڻ ۾ سندس سماڌي جوڙي وئي، سنڌي ۽ ھندي زبانن ۾ سندس ڪلام ملي ٿو، هو سنڌيءَ جو سٺو شاعر هو، سندس سمورو ڪلام -تصوف- جي رنگ ۾ رڱيل آھي.[1]