مولانا وحيدالدين

مولانا وحيدالدين خان(انگريزي: Maulana Wahiduddin Khan ) (جنم: 1 جنوري 1925ع ۽ وفات: 21 اپريل 2021ع) انڊيا جو ھڪ مسلمان مفڪر ۽ امن جو حامي ھيو جيڪو قرآن مجيد جي تفسير لکڻ ڪري مشھور ٿيو جنھن جو ھن انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ڪيو هو[1][2] ان جو شمار دنيا جي 500 سڀ کان وڌيڪ بااثر مسلمانن ۾ ٿيندو ھو[3][4]. کيس سوويت يونين جي صدر ميخائيل گورباچوف طرفان ڊميئرگس امن وارو بين الاقوامي ايوارڊ ڏنو ويو. جنوري 2000 ۾ کيس انڊيا جو سڀ کان وڏو شھري اعزاز پدما ڀوشن پڻ مليو[5] ان کان سواءِ کيس مڌر ٽريسا پاران نيشنل سٽيزن ايوارڊ ۽ 2009 ۾ کيس راجيو گانڌي نيشنل سدڀون ايوارڊ پڻ مليو[6] جنوري 2021ع ۾ کيس ڀارت جو ٻيون وڏو شھري اعزاز پدما وڀوشن ڏنو ويو[7]. سندس موت دھلي ۾ 96 سالن جي عمر ۾ ڪووڊ 19 جي ڪري ٿيو.

مولانا وحيدالدين خان
پيدائش 1 جنوري 1925(1925-01-01)
اعظم ڳڙھ, اتر پرديش ، برٽش انڊيا
وفات 21 اپريل 2021 (عمر 96 سال)
نيو دهلي انڊيا
ڌنڌو اسلامي روحاني اڳواڻ، مبلغ ۽ ليکڪ
صنف اسلامي ادب
مُکيه ڪم تذڪر القرآن
ويبسائيٽ
www.maulanawahiduddinkhan.com

ابتدائي زندگي سنواريو

مولانا جي پيدائش 1925ع ۾ انڊيا جي رياست اتر پرديش جي ضلعي اعظم ڳڙھ ۾ واقع بڌاريا (Badharia) نالي ڳوٺ ۾ ٿي[8] سندس والد جو نالو فريدالدين ھيو جيڪو 1929ع ۾ وفات ڪري ويو جنھن بعد سندس پرورش والدہ زيب الڻساء خاتون ڪئي ۽ سندس تعليم جو بندوبست سندس چاچي صوفي عبدالحميد خان ڪيو[9]. ابتدائي تعليم اعظم ڳڙھ ضلعي جي شھر سرائي مير جي مدرسة الاصلاحي ۾ حاصل ڪيائين[10][9]. 1938 ع ۾ ان مدرسي ۾ داخل ٿيو ھو جتي ھن 6 سال تعليم حاصل ڪئي ۽ 1944ع ۾ کيس سند ملي[9]. مدرسي مان فارغ ٿيڻ بعد سندس ڀاء کيس پاڻ سان خانداني ڌنڌي ۾ شامل ٿيڻ جي صلاح ڏني پر ھن محسوس ڪيو ته سندس تعليم انگريزي ۽ جديد سائنسي علمن کان سواءِ اڻپوري ھئي ان ڪري هن انگريزي سکي ۽ بي شمار ڪتابن جو مطالعو ڪيو[9]. صبح جو لائبريري ويندو ھو ۽ شام جو لائبريري بند ٿيڻ تائين پڙھندو رھندو ھو[9]. کيس پنجن ٻولين ۾ عبور حاصل هو جن ۾ اردو، انگريزي، فارسي، عربي ۽ ھندي ٻوليون شامل ھيون. 1949ع ۾ مولانا وحيدالدين جماعت اسلامي جي مولانا ابوالاعلي مودودي کان متاثر ٿي جماعت اسلامي ھند ۾ شامل ٿيو پر ڪجهه سالن ۾ ھن کي جماعت جي ديني تصور ۾ خاميون نظر آيون جنھن جو اظھار ھن پنھنجي ڪتاب تعبير ڪي غلطي ۾ ڪيو آهي[11]. ان ڪتاب ۾ ھن جماعت اسلامي ۽ ان جي باني جي لاء سخت زبان استعمال ڪئي آهي جنهن جو کيس جماعت اسلامي طرفان پڻ شدت سان جواب مليو[11]. جماعت اسلامي ڇڏڻ بعد ھي کوڙ سال تبليغي جماعت جو حصو رھيو ۽ بعد ۾ 1975ع ۾ ھن انفرادي حيثيت ۾ اسلام جي دعوت ۽ علمي ڪم شروع ڪيو[11].

خدمتون سنواريو

مولانا اسلامي مرڪز نيو دهلي جو چيئرمين ھيو. ماھوار ميگزين الرساله جو مدير ھيو ۽ 1967ع کان چ1974ع تائين الجميعه ويڪلي، دھلي جو مدير رهيو. سندس لکڻيون بڻا نسل ۽ مذھبي فرق جي پڙھيون ويون ۽ ۽ سندس سڃاڻپ ھڪ امن پسند واري ھئي. ھن مسلمانن ۽ ٻين مذھبن جي پوئلڳن وچ ھم آھنگي، اسلام متعلق غير مسلمانن ۾ غلطفھميون دور ڪرڻ، مسلمانن ۾ صبر جي تعليم کي عام ڪرڻ کي پنھنجو مقصد بڻايو[12] 1955ع ۾ سندس ڪتاب نَئَي عَھد ڪَي دَروازَي پَر شايع ٿيو جنھن سان سندس ڏاڍي مقبوليت ٿي. ان ڪتاب جي اردو اشاعت سان گڏوگڏ عربي ۾ پڻ ترجمو ٿيو ۽ ان کي عربي يونيورسٽن جي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو[11]. مولانا جو شمار انھن چند عالمن ۾ ٿيندو آهي جيڪي ديني علمن کان علاوہ سائنس ۽ انگريزي سميت ٻين مغربي علمن ۾ عبور رکندڙ ھيا[11]. ان جي بنيادي موضوعن ۾ مذھبن جو تقابلو، سيڪيولرزم، الحاد وغيره شامل آهن[11].

لکڻيون سنواريو

1976ع ۾ ارساله (پيغام) نالي ميگزين شروع ڪيائين جنھن ۾ ھن پنھنجا سمورا مضمون ۽ مقالا شايع ڪيا. فيبروري 1984ع ۾ ان رسالي جي انگريزي ۾ اشاعت ۽ ڊسمبر 1990 ۾ ان جي ھندي ٻولي ۾ پڻ اشاعت جو آغاز ڪيو[13] ان کان سواءِ ھن جي مشھور تصنيفن ۾ اسلام ۾ عورتن جا حق,[14] اسلام ۾ خيرات جو تصور[15] ۽ جھاد جو تصور شامل آهن.[16] مولانا اسلام، پيغمبري حڪمت، گھڻ نسلي سماج ۾ روحانيت ۽ باھمي بقا سان گڏوگڏ سيڪيولرزم ۽ جديديت سان اسلام تعلق جي موضوعن تي 200 کان وڌيڪَ ڪتاب لکيا[17][18]. ان جي ڪجهه ڪتابن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

  • پيغمبر اسلام
  • قرآن: ھڪ نئون ترجمو
  • مخزن قرآن
  • انڊين مسلمس: دي نيڊ فار پازيٽو آئوٽ لڪ
  • انٽروڊيوسنگ اسلام: آ سمپل انٽروڊڪشن ٽو اسلام
  • اسلام ريڊسڪورڊ: ڊسڪور اسلام فرام اٽس اوريجنل سورسز
  • اسلام اينڊ پيس
  • اسلام: ڪريئيٽر آف دي ماڊرن ايج
  • ورڊس آف دي پرافٽ محمد
  • دي اشو آف بليسفيمي
  • تذڪیر القرآن
  • اللہ اڪبر
  • الاسلام
  • الرّبانیہ
  • حقیقت حج (اردو ۽ عربي)
  • پیغمبر انقلاب
  • رازِ حیات
  • مذھب اور سائنس
  • مذھب اور جدید چیلنج
  • ھند۔ پاڪ ڊائري (2006)
  • اسلام دور جدید ڪا خالق
  • عقلیات اسلام
  • علما اور دور جدید
  • تجدید دین
  • سفرنامہ غیر ملڪي اسفار جلد اول
  • سفرنامہ غیر ملڪي اسفار،جلد دوم
  • سفرنامہ اسپین و فلسطین
  • اسفار ہند
  • خلیج ڊائري
  • ڊائري جلد اول(1983-1984)
  • ڊائري( 1989- 1990)
  • ڊائري(1991-1992)
  • فسادات ڪا مسئلہ
  • سوشلزم اور اسلام
  • مطالعہ قرآن
  • تعبیر ڪِي غلطي
  • دین ڪَي سیاسي تعبیر
  • اظھارِ دین

وفات سنواريو

مولانا صاحب 96 سالن جي عمر ۾ ڪووڊ 19 وبا جي انفيڪشن ٿيڻ ڪري ڏھ ڏينھن اپولو اسپتال دھلي ۾ داخل رھيو ۽ 22 اپريل 2021ع ۾ بروز اربع شام جي وقت وفات ڪري ويو[19]. کيس بستي حضرت نظام الدين لڳ پنج پيران قبرستان ۾ دفنايو ويو.

حوالا سنواريو

  1. "All Muslim sects should agree to disagree: Maulana Wahiduddin Khan | Indian Muslims". وقت 15 May 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 August 2009.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. http://www.goodword.net/read_quran_online.aspx آرڪائيو ڪيا ويا 3 January 2010 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. A new translation of the Quran by Maulana Wahiduddin Khan
  3. "The Muslim 500: Wahiduddin-Khan". حاصل ڪيل 14 April 2020. 
  4. "Times of India on 22 most influential Muslims in India". حاصل ڪيل 14 April 2020. 
  5. Tamara Sonn & Mary Williamsburg, (2004), A Brief History of Islam, Blackwell. ISBN 1-4051-0902-5.
  6. "Muslim scholar gets Sadhbhavana Award". Sify.com. 20 August 2010. http://www.sify.com/news/muslim-scholar-gets-sadhbhavana-award-news-national-kiuvkdbhgdg.html. 
  7. "LIVE: Ram Vilas Paswan, Keshubhai Patel, Tarun Gogoi awarded Padham Bhushan". Hindustan Times. حاصل ڪيل 25 January 2021. 
  8. "Maulana Wahiduddin Khan". وقت 19 September 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 30 September 2008.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  9. 9.0 9.1 9.2 9.3 9.4 [https://www.cpsglobal.org › mwk Maulana Wahiduddin Khan | CPS International ] Maulana Wahiduddin Khan
  10. "Famed Islamic scholar Maulana Wahiduddin dead - India News". The Times of India. حاصل ڪيل 21 April 2021. 
  11. 11.0 11.1 11.2 11.3 11.4 11.5 [1] امن کے سفیر‘ مولانا وحید الدین کے انتقال پر تعزیت کا سلسلہ جاری: انڈپینڈنٹ اردو جمعرات 22 اپریل 2021 14:45
  12. Maulana Wahiduddin Khan آرڪائيو ڪيا ويا 2008-12-30 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., CPS Television.
  13. "Hijacking - A Crime". وقت 17 August 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 August 2009.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  14. . "Rights of Women in Islam". وقت 14 February 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 August 2009.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  15. "The Concept of Charity in Islam". وقت 19 November 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 August 2009.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  16. "The Concept of Jihad". وقت 18 August 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 August 2009.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  17. Profile on The Muslim 500
  18. "Maulana Wahiduddin Khan - 17 products available". وقت 25 October 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 August 2009.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  19. "Maulana Wahiduddin Khan dies". The Indian Express. حاصل ڪيل 2021-04-22.