محمد خان مور ساگر جوڻيجو،1 جنوري 1979ع تي ڳوٺ ميون ملوڪ، تعلقو تلھار، ضلع بدين، سان تعلق رکندڙ محمد رمضان جوڻيجو جي گهر ۾ جنم ورتو. جنھن پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ ميون ملوڪ ورتي جڏهن ته مئٽرڪ هاءِ اسڪول رپ، انٽر اسلاميه ڊگري ڪاليج بدين حاصل ڪئي. بيچلر ۽ ماسٽر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪئي.

مور ساگر
پيدائش محمد خان جوڻيجو

جنوري 01 1979(1979-01-01)ع

ميون ملوڪ، بدين، سنڌ، پاڪستان
ٻولي سنڌي
تعليم ماسٽرس ڊگري سنڌي ادب
مادرِ علمي سنڌيونيورسٽي ڄامشورو
مُکيه ڪم حيدرآباد کان هنزه تائين[1]

ملازمتو سنواريو

همت پرنٽرز حيدرآباد تي 1996ع کان 1997ع (آپريٽر)، ساگر پريس بدين 1997ع کان 2000ع تائين (مئنيجر)، الرزاق پرنٽرز حيدرآباد 2001ع کان 2010ع (ڊزائينر/ آپريٽر). ساحل پرنٽرز اينڊ پبليڪيشن حيدرآباد 2011ع کان (ذاتي ڪاروبار).

ادبي سفر سنواريو

1995ع ۾ ادبي سفر جي شروعات ڪئي، ادبي دُنيا ۾ شاعري، ڪالم، ڪھاڻيون، ڊائري، سفرنامه، خط لکيا.

  • شاعري ۾: غزل، نظم، وايون، بيت، چئوسٽا، پنج ڪڙا، ترائيل، سانيٽ، دوها، گيت، ڪنٽ، رينگا، ڇتارا، هائيڪا، ڏيڊ سِٽا لِکيا آهن.
  • رِسالا: پھريون نظم پندرنھن روزا عبرت مئگزين ۾ شايع ٿيو. اُن کانپوءِ باقائد سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙچ مان نِڪرندڙ سمورن رسالن ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪيم جن مان، پندرنھن روزا عبرت، ماهوارا سوجھرو، ماهوار صبح ٿيندو، ماهوار ساڃاهه، ماهوار مومل، ماهوار غزل، ماهوار سنڌ اسٽار، ماهوار ينگ جنريشن، ماهوار انٽرنيشنل لائينز، ماهوار نئين زندگي، ماهوار هالار، ماهوار چانڊوڪي، ماهوار ڪاڪ، ماهوار ڪينجھر، ماهوار ادب، ماهوار سڏ، ماهوار رچنا، ماهوار سنڌ رائيٽر، ماهوار نئين سوچ، ماهوار پيغام احمد، سليلوار سماج سُڌار، سلسليوار جاکوڙ، سلسليوار آڪاش، ڪاليج ميگزين لاڙ، سلسليوار ڏياٽي، سلسليوار سنڌ راڻي وغيره.
  • اخبارون: روزاني آفتاب، روزاني، بخت ور، روزاني خادم وطن، روزاني شام، روزاني عبرت ۾ شاعري شايع ٿي چُڪي آهي.

سنڌي ادبي سنگت: سنڌي ادبي سنگت شاخ بدين جو ڪائونسلر، جوائنٽ سيڪريٽري، سيڪريٽري طور ڪم ڪيو. ايوارڊ: سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان، ڀٽائي آرٽ ڪائونسل طرفان، رانجھاڻي آرٽ سرڪل طرفان، يعقوب ذرڪريا يادگار ايوارڊ، شهباز دُراني يادگار ايوارڊ.

  • سرٽيفڪيٽ: سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان، ماهوار هالار ۽ ماهوار سنڌ رنگ طرفان، بدين مئگزين طرفان، اين جي او ڊور طرفان،

تصنيفون سنواريو

  • ڇپيل ڪتاب: پيار جي پنڌ ۾ (شاعري) 2005ع، حيدرآباد کان هنزه تائين (سفرنامو) 2014. پيار جي پنڌ ۾ (شاعري) ٻيو ڇاپو 2018ع، مور اِن ملائيشيا (سفرنامو) 2018ع.
  • اڻ ڇپيل ڪتاب: ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو (خط)، زندگي جا پَل جي مون گهاريا پنڌ ۾ (سنڌ جو سفر). شاعري جو نئون سھڙيل ڪتاب.


حوالا سنواريو