موت جي وادي جا پراسرار پٿر

موت جي وادي جي پراسرار پٿرن جو راز ڇا آهي..!!

”ترجمو دريا خان سنڌي“


اسرار ۽ نامعلوم  هي اسانجي لاءِ ڪشش رکندا آهن انھن تي ڪھاڻيون ٺهنديون آهن ابرام مصر ڪنھن قديم جديد تهذيب ٺاهيا هيا قبرستان ۾ ٻڌي ويندڙ آواز تڪليفي آهي.! زمين جي مٿاڇري تي ڪنھن خلائي مخلوق جي گاڏي ڏٺي آهي.! سمنڊ ۾ ڪنھن پراسرار وجھ سان جھاز گم ٿيندا آهن.! هي ۽ ان طرح جون گھڻيون ٻيو ڪهاڻيون اسانجي نفسيات جو حصو آهن ۽ ھميشہ کان رهيون آهن هر معاشري ۾ رهيون آهن ۽ عالمي ڪلچر جو حصو پڻ آهن اهڙي ئي هڪ ڪهاڻي موت جي وادي جي پراسرار پٿرن جي آهي

ڊيٿ ويلي آمريڪي رياست ڪيلي فورنيا جي صحرائي وادي آهي ان ۾ ريس ٽريڪ پلايا اهو علائقو آهي جيڪو هڪ پراڻي ۽ خشڪ ٿيندڙ شاخ جي تھ آهي انجا ڪيترا ئي درجن پٿر انهي قسم جو اسرار رکندا آهن انھن پٿرن جي هلڻ ڦرڻ جا نشان اتي موجود آهن ۽ ڏيڊه هزار فٽ تائين جا نشان بہ موجود آهن پر ڪڏهن بہ ڪنھن انھن کي هلندي ناهي ڏٺو هي ھميشہ ساڪن رهندا آهن پوءِ هي نشان ڪٿا آيا وڏا نشان جيڪي ڪڏهن سڌي لڪير جي صورت ۾ هيا ڪڏهن موڙيل ڪڏهن ائين جيئن هلندي وقت ڪنھن موڙ کٽيو هجي جيڪو پراسرار ٿي ويندو آهي انهن تي ڪهاڻيون بڻجي وينديون آهن هلندڙ ڦرندڙ پٿرن جون بہ داستانيون بڻيا

سائنسدان انجو جواب ڏيڻ کان پري رهيا

توانائي جي پراسرار ۽ اڻڄاڻ فيلڊ يا پراسرار مخلوق جهڙين ڪهاڻين کان اڳتي وڌي ڪري وضاحت ڪرڻ جي پھرين ڪوشش 1948ع جي ٻن جيولوجسٽس ڪئي مڪ ايلسٽر ۽ ايلن ايگنيو جن تجويز ڪيو تہ هتي مينهن جو پاڻي بيهجي ويندو آهي ان وقت هلندڙ طوفان انھن کي حرڪت ۾ آڻي سگھي ٿو چار سال کان پوءِ ان تي ڪيو ويندڙ هڪ تجربو جيڪو جھاز جي پرن جي مدد سان ڪيو ويو هيو مثبت يا منفي نتيجا نہ ڏئي سگھيو طوفانن جي هڪ ٻئي تجويز بہ وضاحت نہ ڪندي هئي ڪيترا ئي پٿر ٽي سئو ڪلو گرام تائين وزن رکندڙ هيا

ستر جي ڏهاڪي ۾ رابرٽ شارپ ۽ ڪيري جن ڪيترا ئي سال وقت ۽ محنت لڳائي ۽ انھن تي تجربا ڪيا هي برف تي ڪيا ويا هيا انھن ڪيترن ئي سالن ۾ 30 پٿرن جي حرڪت نوٽ ڪئي ڇا انھن کي برف چرپر ڏيندي آهي..!! انجو تجربو ڪرڻ جي لاءِ انھن ٻيھر پٿرن جي ويجھو هڪ ڪاٺي لڳائي ڪجهه پٿر پوءِ بہ حرڪت ڪري ويا آئس شيٽ ٿيوري غلط ثابت ٿي وئي

پوءِ انجو جواب ڳولھڻ ۾ اسانکي زمين جي ٻاهر کان مدد وٺڻي پئي

ناسا جي سائنسدانن رالف لورينز کي ان وادي تي تحقيق ۾ دلچسپي هئي ڇوجو ان جي سطح زحل جي چنڊ ٽائٽن سان هڪجهڙائي هئي ان تحقيق جي دوران انھن انن پٿرن جي راز کان پڙدو لاهن جو سوچيو پھريون تجربو انھن پنھنجي ليبارٽري ۾ سيٽ ڪيو ٻي پاسي ڪجهه پٿرن تي جي پي ايس ٽريڪر لڳايو ۽ انھن جو راز کوجي ورتو

ٿڌي رات ۾ پٿرن جي ويجھو نمي ڄمي ويندي آهي برف جي گھڻي سنئي تھ زمين تي ۽ پٿرن ۾ پهنجڙائي فرڪشن کي گھڻو ئي گھٽ ڪري ڇڏيندي آهي ان دوران هلندڙ هوا آساني سان پٿرن کي سرڪائي ڇڏيندي آهي ۽ تيز هوا وڏي فاصلي تائين ائين ڪري سگھي ٿي ڇوجو تھ سنهڙي هئي ان لاءِ هي حرڪت خشڪ گپ تي نشان ڇڏيندي ويندي آهي ان تجربي آئس رافٽ ٿيوري کي صحيح ثابت ڪري وڏي پيماني تائين انجي اسرار جي وضاحت ڪري ڇڏي لورينز ۽ انجي ٽيم 2011ع ۾ پنھنجو پيپر پڌرو ڪيو. هوا، پاڻي، برف ۽ وقت انجو صحيح ملاپ انھن نشانين جو راز هيو

ان وادي ۾ گھمڻ لاءِ ايندڙ ماڻھو اڃان بہ ان سان جوڙيل پراسرار ڪھاڻين کي ترجي ڏيندا آهن. گائيڊ وان والڪن برگ جي لفظن ۾ ماڻھو پڇندا آهن تي هي چرپر ڇو ڪندا آهن جڏهن اوهان جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا تہ هر ڪو جواب ناهي ٻڌڻ چاهيندو ڪيترا ئي ماڻھو اسرار پسند ڪندا آهن اهڙا سوال چاهيندا آهن جن جا جواب نہ هجن

موت جي وادي جي انھن پٿرن جي راز جو تہ اسانکي علم ٿي ويو هن دنيا ۾ اڃان بہ گھڻو ڪجهه ڄاڻڻ باقي آهي

شايد جييڪا ڳالھ پراسرار رهي اها ئي تہ هڪ غيرآباد ويراني وادي ۾ ڪجهه نشان ڏسي ڪري اسان انجي راز کان پڙدو کڻڻ جي لاءِ ايتري محنت ڇو ڪندا آهيون پنھنجون زندگيون ڇو خرچ ڪري ڇڏيندا آهيون پنھنجي ڪم سان ڪم ڇو ناهيون رکندا...!! ان کان پري ڇو ناهيون رهندا..!!

ٻيو اهيو تہ اسان مان ڪجهه کي پراسرار شين ۽ پراسرار وضاحتون ان قدر پسند ڇو آهن..!! هي عالمي ڪلچر جو حصو ڇو آهن..!!

موت جي وادي جي پراسرار پٿرن جي هي ڪهاڻي ان پٿرن کان وڌيڪ اسانجي پنھنجي اسراري ڪهاڻي آهي

 

#Sailing #Stones #Death #Valley

#ScienceJeDunya

انھن پٿرن بابت

https://en.wikipedia.org/wiki/Sailing_stones