موتين جو ھنر:


موتين مڙهڻ جورواج جبل جي زالن ۾ ڏاڍو آهي، ڪچ جا موتي، رنگي رنگي وارا ڪپڙي تي اهڙا ته ٽانڪي وينديون، جو سبحان الله! گل ٻوٽا، ٽاريون وليون، پکي پکڻ مطلب ته جيڪي رکڻو هوندو اٿن، ڏاڍي سگهڙپڻي ۽ ڪاريگريءَ سان رکي وينديون. اهي زالون گهڻو ڪري ڇئون، ميزپوش، ٻارن جا ٽوپ، واسڪوٽ، پائچا، چولن جا آڳا، ڳچيون، اهڙيون ڀرينديون آهن، جو واه واه ! جي زرئيءَ تي موتين جو ڪم رکڻو هوندو اٿن، ته هٿ ئي اور! رنگي جي موتين کان سواءِ، زرئيءَ وارن موتين سان به دنگ ڪريو ڇڏين. ان کان سواءِ جبل جون زالون موتين جي مڙهه جون  به ڪاريگر آهن. سوپاريون، ڦوٽا، سرميداڻيون، آرسيون، وڃڻا،  مطلب ته جيڪي ڏيون- سو اهڙو ته سان مڙهي ڏينديون، جو ڀانئجي ته پيو ڏسجين. جهڙو ڪمانگري چٽ ! ان کان سواءِ سڄا پوش، پردا به رڳو موتين  جا ٺاهينديون آهن،  پر اهڙين ڪاريگر زالن جا هٿ  مشينن هڻي ڀڃي وڌا آهن. اڄڪلهه ته هنر جو قدر ئي ڪونهي ![1]
  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}