مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو تحقيقي رسالو

مهراڻ يونيورسٽي ريسرچ جنرل آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي (انگريزي: Mehran University Research Journal of Engineering and Technology) هڪ ساک ڀريو تحقيقي ٽماهي رسالو آهي جيڪو مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجيءَ پاران 1982ع کان لاڳيتو ڇپجي رهيو آهي. هي رسالو پاڪستان جي اعليٰ تعليم واري اداري (Higher Education Commission of Pakistan) پاران تسليم ٿيل آهي[1]. هن رسالي ۾ مقالا ڇپرائي استاد مٿئين گريڊ ۾ ترقي ماڻي سگهن ٿا. ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪندڙ شاگرد پنهنجا مقالا ڇپائي سگهن ٿا.

تعارف سنواريو

هي رسالو انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي شعبن سان واسطو رکندڙ مقالا ڇاپي ٿو. مقالو ڇپڻ کان پهريائين اهو چڪاسيو ويندو آهي ته اهو ڪنهن ٻئي رسالي ۾ ڇپيل نه هجي ۽ مواد ڪنهن ٻئي رسالي تان ڪاپي نه ٿيل هجي. اها چڪاس ڪرڻ کان پوءِ مقالو ٻن ماهرن ڏانهن موڪليو ويندو آهي ته هو ڏسن ته مقالو تحقيق جي اعليٰ معيارن تي پورو لهي ٿو.

هن رسالي جو پهريون پرچو جنوري 1982ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. رسالي جو پهريون چيف ايڊيٽر پروفيسر ممتازالامام هو جڏهن ته پهريون ايڊيٽر پروفيسر عبدالعزيز سانگي هو[2]. هي رسالو 2010ع کان نه فقط ڪتابي صورت ۾ ڇپجي ٿو پر ان سان گڏوگڏ انٽرنيٽ تي به شايع ٿئي ٿو. هي رسالو پاڪستان جي لڳڀڳ سمورين يونيورسٽين جي لائبررين کي مفت ۾ موڪليو وڃي ٿو.

بين الاقوامي سڃاڻپ سنواريو

هيءُ هڪ بين الاقوامي رسالو آهي. هر ساک رکندڙ بين الاقوامي رسالي جو هڪ خاص ”رسالن جو بين الاقوامي سڃاڻپ نمبر“ (International Standard Serial No) هوندو آهي. انهيءَ سڃاڻپ نمبر کي مختصر طور ”آئي ايس ايس اين“ (ISSN) ڪوٺيو وڃي ٿو. اهو نمبر ”آئي آئي ايس اين جو بين القوامي مرڪز“ (ISSN International Centre) جاري ڪري ٿو. هيءُ هڪ ادارو آهي جنهن جو مرڪز فرانس جي شهر پئرس ۾ آهي ۽ انهيءَ جون شاخون مختلف ملڪن ۾ قائم ٿيل آهن. مهراڻ يونيورسٽيءَ جي هن رسالي کي ٻه سڃاڻپ نبمر مليل آهن. هڪ انٽرنيٽ تي ڇپائيءَ لاءِ ۽ ٻيو ڪتابي صورت ۾ ڇپائيءِ لاءِ. اهي نمبر هيٺئين ٽيبل ۾ ڏيکاريل آهن.

فقط رسالي جو سڃاڻپ نمبر نه هوندو آهي پر رسالي ۾ ڇپيل هرهڪ مقالي جو به هڪ مخصوص سڃاڻپ نبمر هوندو آهي جنهن کي ڊجيٽل آبجيڪٽ ايڊنٽيفائر (Digital object Identifier ) يا ”ڊي او آئي“ (DOI) سڏيو وڃي ٿو. هيءُ نمبر انٽرنيٽ تي گهربل مقالو ڳولڻ ۾ مدد ڪري ٿو. مهراڻ يونيورسٽيءَ جي هن تحقيقي رسالي ۾ ڇپيل هر مقالي کي به پنهنجو هڪ ڊي او آئي مليل آهي. آئي ايس ايس اين نمبر ۽ ڊي او آئي ملڻ ڪري هي رسالو آمريڪا، آسٽريليا، ِچين ۽ دنيا جي ٻين ساک وارين يونيورسٽين جي لائبررين ۾ پنهنجي جاءِ والارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.

آئي ايس ايس اين نمبر

(ڪاغذ تي ڇپائيءَ لاءِ)

0254-7821
آئي ايس ايس اين نمبر

(انٽرنيٽ تي ڇپائيءَ لاءِ)

2413-7219
ڊي او آئي muet1982/10.22581
رسالي جو مک ايڊيٽر پروفيسر مختيار علي انڙ
رسالي جو ايڊيٽر پروفيسر رسول بخش مهر
ويب سائيٽ http://publications.muet.edu.pk

انڊيڪسنگ سنواريو

هي رسالو بين الاقوامي طور تي پنهنجي هڪ ساک رکي ٿو ۽ سڄي دنيا جا تحقيقدان هن رسالي ۾ ڇپيل مواد مان لاڀ حاصل ڪن ٿا. هي رسالو دنيا جي ٽيهن کان وڌيڪ ساک وارين انڊيڪسنگ ايجنسين پاران انڊيڪس ٿئي ٿو. انهن ايجنسين ۾ ويب آف سائنس (Web of Science آرڪائيو ڪيا ويا 2020-02-14 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.)، اِيبسڪو هوسٽ (EBSCOhost)، ڪيبيل (Cabell)، انجنيئرنگ وليج (Engineering Village) ۽ ڊائريڪٽري آف اوپن ايسيس جنرلس (Directory of Open Access Journals) شامل آهن.

حوالا سنواريو

  1. https://hec.gov.pk/english/services/faculty/journals/Documents/Sciences/Science-Journals/Engineering-,Technology.pdf (PDF), وقت 2020-02-23 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-02-23  External link in |title= (مدد)
  2. http://publications.muet.edu.pk