مھتاب (اداڪارا)

هندي فلم اداڪارا (ناٽڪہ)
(مهتاب (اداڪارڻ) کان چوريل)

مھتاب (انگريزي ٻولي: Mehtab) (سال 1918ڏ کان 1997ع تائين) هڪ ڀارتي اداڪارا هئي، جنھن اردو ۽ هندي جي فلمن ڪم ڪيو. هوءَ 1928ع کان 1969ع تائين سرگرم رهي.[1] سندس جنم سچن، گجرات ۾ هڪ مسلم خاندان ۾ ٿيو هيو. سندس نالو نجمہ رکيو ويو هيو. سندس پيءُ نواب سيد ابراهيم محمد ياقوت خان ثالث هيو. هو سچن جو نواب هيو جيڪو سورت، گجرات جي ڀرسان موجود آهي.[2] هن 1920ع جي ڏهاڪي ۾ ننڍڙن ڪردارن سان پنھنجي فلمي سفر جي شروعات ڪئي. سال 1928ع ۾ فلم سيڪنڊ وائف، 1929ع ۾ اندرا بي اي ۽ 1929 ۾ جينت ۾ هن ڪجهه ننڍا ڪردار نڀائيا. سال 1931ع ۾ هن اشرف خان سان فلم ويرڪنال ۾ پھريون دفعو مکيہ ڪردار نڀايو هيو. ان کان اڳ هوءَ ڪيريڪٽر ڪردار پڻ ڪندي هئي. هڪ ڏهاڪي تائين ايڪشن فلمن ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ 1941ع ۾ فلم چترليکا ۾ اوچتو کيس شھرت جي اوچائي نصيب ٿي ۽ الڳ سُڃاڻپ پڻ مليس ڇو تہ ان فلم ۾ هن جي وهنجڻ جو سين ڏنو هيو.[3] ان فلم کي شرما ڊائريڪٽ ڪيو هيو. هن ساٿي اداڪار اشرف خان سان شادي ڪئي ۽ هڪ پُٽ کي جنم ڏنو. ان کانپوءِ جي ڏهاڙن ۾ سندن طلاق ٿي وئي ۽ مھتاب سھراب مودي سان 1946ع ۾ ٻئي شادي ڪئي. مودي کيس 1953ع جي فلم جهانسي جي راڻي ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو پر اها فلم هڪ بُرو خواب ثابت ٿي ڇاڪاڻ تہ ان ۾ ڪجهه مسئلا پڻ وڌا ويا هيا ۽ فلم کي مزيدار بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي.[4] انکانپوءِ هن فلمن ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ آخري ڀيرو فلم سمي بڙا بلوان ۾ نظر آئي. 10 اپريل 1997ع تي ممبئي ۾ سندس وفات ٿي.

مھتاب

فلم جهانسي جي راڻي منجهان هڪ اسڪرين شاٽ
پيدائش نجما زان
28 اپريل 1918(1918-04-28)
سچن، گجرات، انڊيا
وفات 10 اپريل 1997 (عمر 78 سال)
ممبئي، مھاراشٽرا
مدفن بڙا قبرستان، ميرين لائنز، ممبئي
پيشو ناٽڪڻ
سَرگَرمُ سالَ سال 1928–کان1969 تائين
جيون ساٿي اشرف خان (طلاق ٿيل)
سھراب مودي (1946–1984؛ وفات)
ٻار ٻچا 2 پُٽ

ذاتي زندگي سنواريو

مھتاب مذهب جي لحاظ کان مسلمان هئي پر هن هڪ پارسي سھراب مودي سان سادي ڪئي. سندس شادي 28 اپريل 1946ع تي سندس جنم ڏينھن جي موقعي تي ٿي هئي.[5] انکانپوءِ مھتاب ٻُڌايو تہ گهرڀاتين کيس جي شادي کي قبول نہ ڪيو هيو. ان بعد ھن ٻي شادي ڪئي. پھرئين شادي منجهان کيس 8 سال جو هڪ پُٽ هيو، جنهن جو نالو اسماعيل هيو. مودي ان وقت 46 سال جو هيو ۽ مھتاب کان 20 سال وڏو هيو.[6] مھتاب ۽ مودي جي هڪ ڌيءُ پيدا ٿي جنهن جو نالو ميھيلي رکيو ويو ۽ اها مذهب جي لحاظ کان پارسي هئي. مودي جو موت 28 جنوري 1984ع تي ٿيو ۽ مھتاب جو موت 10 اپريل 1997ع تي ممبئي ۾ ٿيو ۽ کيس ميرين لائنز جي وڏي قبرستان ۾ دفنايو ويو.[2][7]

ايوارڊ سنواريو

کيس 8هين سالياني بي ايف جي اي ايوارڊ ۾ فلم پرک جي لاءِ بھترين اداڪارا جو اعزاز ڏنو ويو.[8]

حوالا سنواريو

  1. "Yesteryear actress Mehtab remembers her husband Sohrab Modi". cineplot.com. Cineplot.com. حاصل ڪيل 25 ڊسمبر 2014.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  2. 2.0 2.1 "Mehtab-biography". cinegems.in. Cinegems.in. وقت 25 ڊسمبر 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 25 ڊسمبر 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  3. Kidar Sharma (2002). The one and lonely Kidar Sharma, (an anecdotal autobiography). Bluejay Books. p. 178. ISBN 978-81-87075-96-7. https://books.google.com/books?id=jP9kAAAAMAAJ. Retrieved 25 ڊسمبر 2014. 
  4. B D Garga (1 ڊسمبر 2005). Art Of Cinema. Penguin Books Limited. pp. 57–. ISBN 978-81-8475-431-5. https://books.google.com/books?id=ITAnAgAAQBAJ&pg=PT57. Retrieved 18 ڊسمبر 2014. 
  5. "Founders-Sohrab Modi". Film and TV Guild India. وقت 30 مارچ 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 25 ڊسمبر 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  6. D. P. Mishra; India. Ministry of Information and Broadcasting. Publications Division (1 سيپٽمبر 2006). Great masters of Indian cinema: the Dadasaheb Phalke Award winners. Publications Division, Ministry of Information and Broadcasting, Govt. of India. ISBN 978-81-230-1361-9. https://books.google.com/books?id=whtmAAAAMAAJ. Retrieved 25 ڊسمبر 2014. 
  7. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Muvyz
  8. "BFJA Award winners 1945". bfjaaward.com. Bengal Film Journalists' Association. وقت 27 ڊسمبر 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 ڊسمبر 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)

ٻاهريان ڳنڍڻا سنواريو