من پريت اختر

پنجابي لوڪ ڳائڻي

من پريت اختر (پيدائش: 1963ع— وفات: 18 جنوري 2016ع)[1] هڪ پنجابي لوڪ ڳائڻي هُئي، جيڪا پنجابي ڳائڻو دلشاد اختر جي ڀيڻ هُئي. ڀارت ۽ راڳ جي دنيا ۾ سندس شُهرتَ سندس جڳ مشهورِ گيت دل رويا تي اک ڀر آئي هُيو، جيڪو ڀارتي فلم ڪچ ڪچ هوتا هي ۾ سال 1998ع ۾ فلمايو ويو هيو.

مَنپِريتِ اَخِتَرِ Manpreet Akhtar
پيدائش 1965
ڪوٽ ڪپورا، پنجاب، ڀارت
وفات جنوري 18، 2016 (ڄمار 51 سال)
پٽيالا، پنجابُ
قوميت انڊين
ٻيا نالا مَن پِريتِ اَخِتَرِ
پيشو ڳائڻي (گلوڪاري)
رشتيدار دلشاد اختر

زندگيءَ جو حال احوال سنواريو

من پريت جي پيدائش سال 1963ع يا سال 1964ع ۾ ڪوٽ ڪپورا لَڳ فريدڪوٽ ضلعو، ڀارت انڊيا ۾ ٿي هُئي. سندس پيدائش سال ۾ گَهپِلَو آهي. من پريت جو خاندان پنجابي سنگيت (ڳائڻ) جو خاندان تصور ڪيو ويندو آهي، اِنَ خاندان ۾ سندس والد ڪيري خان شوقين ۽ سندس چاچو صابر حسين صابر کي پنجابي سنگيت جو ابتدائي ٿنڀو تصور ڪيو ويندو آهي. من پريت جو ڀاءٌ دلشاد اختر پڻ پنجابي ٻوليءَ جو بهترين ڳائڻو هيو، جنهن کي 1995ع ۾ قتل ڪيو ويو هيو.

راڳ رنگ سنواريو

من پريت جو آواز پنجابي راڳ ۾ اعليٰ سمجهيو ويندو هيو، جيتوڻيڪ هوءَ باقاعدي راڳ (موسيقيءَ) جي تعليم کان بغير ئي راڳ جي دُنيا اچي وئي هُئي. مُنڍَ ۾ هوءَ ڳائڻ کي پنهنجو ڌنڌو (پيشو، ڪُرت) نہ بڻائي سگهي هُئي. سال 1995ع ۾ دلشار اختر جي قتل کانپوءِ، سندس چاهيندڙن من پريت کي مجبور ڪيو تہ هوءَ راڳَ رنگ (ڳائڻ) کي ڪُرت طور بڻائي، ڳائڻ کي اختيار ڪري. سال 1998ع ۾ سندس قسمت جو ستارو عروج تي پهچي ويو، جڏهن جڳ مشهور گيت دل رويا تي اک ڀر آئي هندي فلم ڪچ ڪچ هوتا هي ۾ فلمايو ويو.

وفات سنواريو

جنوري 2016ع جي شروعاتي هفتي ۾ دماغ جي شرائين ڦاٽڻ سبب من پريت بيمار ٿي پئي. 18 جنوري سال 2016ع آڌيءَ رات هندستاني وقت مطابق رات 12 وڄي 30 منٽ تي ٻيهر دل جو دورو پوڻ سان دل جي ڌڙڪڻ بند ٿيڻ سبب من پريت پرلوڪ پڌاري وئي.[1] وفات مهل من پريت جي ڄَمارِ اَٽڪل 52 يا 53 سال هُئي. من پريت پنهنجي پوئينئرن ۾ ٻ پُٽَ ڇڏيا: نويد اختر ۽ لاويد اختر، ٻَئي پُٽ پڻ پنجابي ٻوليءَ ڳائڻا (گلوڪار) آهن.

حوالا سنواريو