منطقي اثبات (Logical Positivism) جي فلسفي جي هڪ شڪل آهي، جنهن ۾ علامتي منطقي استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ معنيٰ جي لسانياتي مسئلن تي زور ڏنو ويندو آهي. منطقي اثبات پسند ۽ تسليم ڪن ٿا تہ عقل ڪجهه انساني اهم مسئلن ۽ عقيدن جو حل پيش نٿو ڪري، پر هو اهو بہ مڃڻ لاءِ تيار نہ آهن تہ عقل کان بالاتر ڪا شيءِ آهي. انهن جي خيالن ۾ فلسفي کي صرف معنيٰ جي تجربي ۽ فقرن جي سانت جي انڪشافن تائين محدود رکڻ گهرجي. باقي سڀ ڪجهه سائنس لاءِ ڇڏڻ گهرجي[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.