منشيات: نشي آور شيون:نارڪوٽڪ ڊرگس: (Narcotic drugs): سائيڪوٽراپڪ سبسٽنس: (Psychotropic substance): اھڙين شين جو نالو آھي جيڪي نشو پيدا ڪندڙ يا نشي آور ھونديون آھن. نشي ۽ انسان جو تعلق تمام قديم آھي . اڄوڪي دؤر ۾ جيڪي شيون غيرقانوني منشيات ۾ شامل آهن انھن مان ڪيترين ئي شين جو نفعي ڪمائڻ لاء رياستي سرپرستي ۾ واپار ڪيو ويندو ھو. اڄ جي دؤر ۾ ھيروئن ھڪ خطرناڪ منشيات آھي جنھن جي ٽريفڪنگ ۽ سمگلنگ جي سزا دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ موت ۽ عمرقيد آھي اھا جرمنيءَ جي مشھور دوائن جي ڪمپني باير Bayer جي پراڊڪٽ ھئي ۽ ان جو استعمال کنگھ جي دوا طور ٿيند و ھيو ۽ ڊاڪٽرن جي ھدايت تي مريض ان دوا جو استعمال ڪندا ھيا جيڪا بعد ۾ بندش ۾ آئي.

Heroin, a powerful opioid and narcotic.

آڪسفورڊ ڊڪشنري مطابق منشيات جي لاءِ انگريزي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ نارڪوٽڪ (narcotic) جي معني اھڙي دوا يا شئي آھي مزاج (mood) ۽ سلوڪ (behavior) تي اثرانداز ٿيندي آهي ۽ غير طبي مقصدن لاءِ غيرقانوني طور تي وڪرو ڪئي وڃي. آڪسفورڊ ڊڪشنري وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته narcotic (نارڪوٽڪ) مڊل انگلش ۾ اولڊ فرينچ لفظ مان آيو narcotique مان نڪتل آھي جيڪو وچولي دور جي لاطيني ٻوليءَ ذريعي يوناني ٻوليءَ مان آيو جيڪو يوناني لفظ narkōtikos مان نڪتل آهي. يوناني ۾ جي narkoun لفظ جي معني آهي سن ڪرڻ (make numb).[1]

دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪَ آفيم پيدا ڪندڙ ملڪ برما آھي جيڪو آفيم جو بين الاقوامي ٽريڊ سينٽر آھي. ھيرروئن جيڪا ھيئر نشي طور استعمال ٿئي ٿي سابہ آفيم مان ٺھندي آهي. ماضيءَ م برطانيا جي ايسٽ انڊيا ڪمپني نفعي حاصل ڪرڻ خاطر ڏکڻ ايشيا ۾ برما ۽ بينگال ۾ آفيم جي پيداوار لاءِ ڏوڏي جي فصل جي پذيرائي ڪئي ۽ حاصل ڪيل افيم کي چين جي منڊي ۾ فروخت ڪرڻ شروع ڪيو جنھن جي چيني شينگ حڪومت مخالفت ڪئي ۽ ان کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو .ايسٽ انڊيا ڪمپني جنھن بعد `فيم چين جي منڊي ۾ سمگل ڪرڻ شروع ڪيو .ان سمگلنگ جي چيني حڪومت مخالفت ڪئي ۽ ان کي روڪڻ شروع ڪيو جنھڻ تي برطانيا ۽ چين جا تعلقات خراب ٿي ويا ۽ ٻنھي ملڪن ۾ آفيم جي ان معاملي تي جڻگن جو آغاز ٿيو جيڪي آفيم جو جنگون (1840 کان 1842 تائين) سڏبيون آھن . 1840 ۾ پھرين جنگ افيم ۾ چين کي شڪست آئي . 1842 ۾ چين ۽ برطانيه وچ ۾ نانڪنگ معاھدو عمل ۾ آيو جنھن تحت چين کي تاوان ۽ پنھنجا ڪجهه علائقا برطانيا کي ڏيڻا پيا. ان کان پوءِ ھڪ ٻي افيم جي جنگ برطانيه ء فرانس چين تي مسلط ڪئي جنھن بعد 1864 ۾ چين ۾ ٿائي ڦينگ گھراڻي جي سلطنت جو ان منشيات جي مسئلي جي ڪري خاتمو ٿي ويو. ھي اھو دور ھيو جنھن ۾ برطانوي رياست پاڻ چين جي ماڻهن کي نشي جو عادي ڪري منشيات جي واپار ۽ سمگلنگ ذريعي نفعو ڪمايو. اڄوڪي دؤر ۾ سموري دنيا ۾ منشيات جي خلاف سخت علائقائي ۽ بين الاقوامي قانون جوڙي ان جي پيداوار ، واپار ، سمگلنگ ۽ استعمال کي روڪيو ويو آهي. منشيات جي خلاف ان بندشن ۾ ھيروئن، آفيم، چرس، ڀنگ، ڪوڪين، ۽ ٻيون ڪيميائي دوائون وغيره شامل آھن . دوائن ۾ طبي مقصدن لاء يا تحقيق جي لاءِ نشي آور شين جي محدود اجازت مخصوص ادارن يا مھارت واري پيشن جي ماڻھن کي ڏني وئي آهي جنھن لاء خاص نگراني ء قانوني قائدا ۽ ضابطا جوڙيا ويا آھن.

حوالا سنواريو

  1. Oxford Dictionaries آرڪائيو ڪيا ويا 2014-12-01 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. (note definition 1.1 (medicine))  Retrieved November 10, 2015