ملڪ محمد جائسي (انگريزي: Malak Muhammad Jayasi ) ھندوستان جو ھڪ مشھور شاعر ۽ صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي جيڪو 1477ع ۾ پيدا ٿيو. ھن اوڌ واري ھندي ٻولي ۽ فارسي جي نستعليق لپي م لکيو آهي. 1540 ۾ ھن پنھنجو پدماوت نالي ھڪ مشھور جنگي نظم لکيو ھو[1] ، جنھن ۾ ھن 1303 ۾ چتور شھر جي علاءالدين خلجي طرفان ڪيل محاصري واري واقعي جو ذڪر ڪيو جيڪو محاصرو ان راجا رتن سين جي خوبصورت راڻي پدماوتي کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو ھو. جائسي ان نظم ۾ علاءالدين جي ڀيٽ ۾ راجا رتن سين جو معترف ھيو. سندس تعلق موجوده ڀارت جي رياست اتر پرديش جي ھڪ شھر جايس سان ھيو. ھن جي لکڻين جو تعداد 25 آھي. سندس وفات 1542ع ۾ ٿي. سندس قبر اتر پرديش جي شھر اميٿي لڳ رام نگر کان 3 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آھي.

راڻي نگامتي پنھنجي نئين پدماوت نالي طوطي کان سوال ڪندي تہ "ڪير خوبصورت آهي؟ مان يا پدماوتي"

خارجي ڳنڍڻا

سنواريو
  1. Garg, Gaṅgā Rām (1992) (en ۾). Encyclopaedia of the Hindu World. Concept Publishing Company. p. 73. ISBN 9788170223740. https://books.google.com/books?id=w9pmo51lRnYC&pg=PA73.