ململ:Muslin :(/ˈmʌzl[unsupported input]n/ يا {{IPAc-en|ˈ|m|juː|s|l|ᵻ|n[حوالو گھربل]) يا mousseline سوٽي ڪپڙي جو ھڪ قسم جو نالو آهي.[1][2][2][3] سترھين صدي ۾ اھا بينگال کان برطانيه درآمد ڪئي ويندي ھئي بعد ۾انگلينڊ ۽ اسڪاٽلينڊ ۾ بہ تيار ٿيڻ شروع ٿي. انگريزيءَ ۾ ان جو نالو mousseline عراق جي شھر موصول Mosul مان نڪتل آهي جتي پھريون دفعو اھا ٺھڻ شروع ٿي.[2][3][4][5] شروع شروع ۾ اھا بنگال جي شھر ڍاڪا جي پسگردائي ۾ ھٿن سان اڻي ويندي هئي ۽ ان ۾ ھٿ سان تيار ٿيل ڌاڳو استعمال ٿيندو ھو ۽ اھا تمام نفيس ھوندي ھئي.[3] [6] ان جي يورپ ۾ درآمد سترھين ۽ ارڙھين صديءَ ۾ شروع ٿي[3] اڳ ۾ عمدي سوٽي ڪپڙي جي ململ کي سنڊن sindon.سڏبي ھئي.[7]

ڍاڪا ۾ عورت بنگال جي عمده ململ جي لباس ۾

تاريخ سنواريو

يورپ جي ماڻهن کي سنڌ جي سنهيءَ ۽ نفيس ململ جي سڌ پهريائين تڏهن پيئي، جڏهن سڪندر اعظم جو لشڪر اها ململ سوکڙي ڪري ساڻ کڻي ويو. ان وقت سنڌ ۽ پنجاب جا رهاڪو توڙي ٻيا هندستان سوٽي ڪپڙو پهريندا هئا. سوٽ ڪپڙي جو تَر لهردار هوندو هو، جنهن يوروپي لوڪن جو گهڻو ڌيان ڇڪيو. [8]قديم يوناني لوڪ سنڌ جي ململ کي ”سنڊن“ (Sindon) سڏيندا هئا. ان وقت شايد اها چوڻي عام هئي ته ”ململ ته سنڌڻ“ (سنڌ جي). اهو ئي سبب ڀانئجي ٿو، جنهنڪري سنڌي لفظ ”سنڌڻ“ ململ“ جي معنيٰ سان ڪم ايندو هو، ۽ يونانين ان جو اُچار ڦيرائي ”سنڊن“ ڪيو. ويجهڙائيءَ ۾ ملٽن به اهو لفط ڪم آندو آهي، پر ملٽن واري مضمون ۾ معنيٰ اٿس ”سنگين اوڇڻ يا ويڙهڻ لاءِ ڪپڙو، منهن ڍڪڻ لاءِ ڄاري“. انگريزيءَ ۾ ٻيو لفظ ”سينڊل“ (Sendal) به عام ٿيو، جو اصل ۾ آهي سنڌي لفظ ”سينڌڙ“ ۽ معنيٰ اٿس ”سنڌ جو سنگين وٽيل ڌاڳي مان ولايت ۾ اڳي ٻيڙين لاءِ پڳوهه (رسا) ٺاهيندا هئا. اهي قيمتي رسا انهن شاهاڻين ٻيڙين ۾ ڪم آڻيندا هئا، جن جا سڙهه ريشمي هوندا هئا. مطلب ته سنڌ جو سنگين وٽيل ڌاڳو به يوروپي لوڪ هڪ شاهاڻي شي ڪري ليکيندا هئا. انهيءَ ريت سنڌ جي صوي پنهنجو ججهو ناماچار ڪڍيو، جنهنڪري مغربي ملڪن ۾ مشهوري مليس. اتر هندستان ۾ پنجاب ۽ سنڌ سنگين ململ جوڙڻ ۾ نالو ڪڍيو ته پوءِ ڏکڻ هندستان به پٺتي ڪين پيو. ڍاڪا جون ململيون اهڙيون ته سنگين هيون، جو چون ٿا ته ململ جو سڄو تاڪيو منڊيءَ مان لنگهائي سگهبو هو. اها سنگين ململ به يورپ ڏي وڃڻ لڳي، ۽ يوروپي لوڪ انهيءَ چڱي رقم ڏيندا هئا. ڪئين ورهيه ساندهه هندستان جو مال ائين يورپ ڏي وڃڻ لڳو. هندستان جا ماڻهو ساڄا ٿيڻ لڳا، ته ڪي يوروپي پوسرڻ لڳا. يورپ ۾ اوني ڪپڙو جوڙيندا هئا، پر اسان جي سوٽي ڪپڙي لئنڪشائر جي اوني ڪپڙي جي ڪارخانن کي ڌڪ هڻي ڇڏيو، ته لئنڪشائر ۾ وڏو غلغلو مچي ويو. اُهي ايتري قدر ويا، جو سن 1666ع ۾ قاعدو پاس ڪرايايائون، ته ڪنهن فوتيءَ جو ڪفن جيڪو سندس مائٽ اوني ڪپڙي مان نه جوڙائيندو، سو ڏنڊ جي سزا جوڳو ٿيندو! انهيءَ عجيب قاعدي جاري ٿيڻ کانپوءِ به جڏهن ڏٺائون ته ڪيترا يوروپي هندستان جي سهني سوٽي ڪپڙي پهرڻ کان نٿا رهن، تڏهن لئنڪشائر جي ڪارخانن وارا پاڻ به سوٽي ڪپڙو جوڙڻ لڳا. انهيءَ ريت هندستان جي سوٽي ڪپڙي يورپ ۾ هنري انقلاب آندو. هي حقيقتون ڪيترين ئي تاريخن ۾ لکيل آهن، پر اهي ٿيون هاڻوڪيون ڳالهيون، تنهنڪري اسين موٽي آڳاٽين ڳالهين تي اچون ٿا..[9]

حوالا سنواريو

  1. muslin (noun), Oxford English Dictionary, Third Edition 
  2. 2.0 2.1 2.2 muslin (noun), Webster's Unabridged Dictionary 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 muslin, Encyclopædia Britannica 
  4. The Fairchild Books Dictionary of Textiles, A&C Black, صفحا. 404–, ISBN 978-1-60901-535-0 
  5. muslin (noun), etymology, Oxford English Dictionary, Third Edition 
  6. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named ghosh
  7. Oxford English Dictionary, 1st ed. "sindon, n." Oxford University Press (Oxford), 1911.
  8. {"Cotton Cloth was first seen in Europe when the soldiers of Alexander the Great brought some of it back, as a curiosity, in the fourth century before Christ. All India was clothed with it then, as today; some of the ancient textiles being so delicate and beautiful as to give rise to the poetic description, 'Webs of the woven wind'. " Dr. James. A.B. Scherger: Cotton as World Power.}
  9. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page26.html#_ftn27.  Missing or empty |title= (مدد)