ملفوظات (Malfuzat) جي لغوي معنيٰ آهي ’زبان مان نڪتل ڳالھ‘. ھن نثري صنف ۾ اعليٰ، معتبر شخصيت جا احوال، آثار ۽ سندن اقوالن کي قلمبند ڪيو ويندو آھي، ان قسم جي نثر کي ’ملفوظات‘ چئبو آھي، اھڙي قسم جا بھ ڪيترائي ڪتاب سنڌي زبان ۾ لکيل آھن.[1]ملفوظات ۾ ڪافي منظوم شعر ۽ بزرگن جا قول ۽ نڪتا وغيره بيان ڪيا ويندا آهن جيڪي نصيحت ۽ اصلاح جي لاءِ چيا وڃن ٿا. انهيءَ مان بزرگن جي حالتن انهن جي همعصرن ۽ دوستن جي حالتن، انهن جي ڪلام وغيره بابت مواد ملي ٿو، جنهن کي تحقيق ۾ شهادتن ۽ حوالن جي طور ڏنو ويندو آهي. انهيءَ ڪري ملفوظات بہ تحقيق لاءِ مددگار هوندا آهن.[2]

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، حيدرآباد، سنڌي. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}