ملان لُٽر
ملان لٽر (Mulla Luttur) 825 ھجری بمطابق 1421ع ۾، ساموئي جي ڪناري تي ھڪ ڳوٺ "پورھ" ۾ ٿي. ملان لٽر جو اصل نالو عبدالرحمان ولد عبدالغفور عباسي ھو. مير قانع لکي ٿو ته: ملا، وڏي ۾ وڏو مشائخ ۽ ولي اڪمل ھو. جيئن ته خوش طبع ھوندو ھو ۽ پنھنجي حالت کي لڪائڻ لاءِ مزي جهڙين ڳالھين سان، محفلون رنگين بڻائيندو ھو، تنھن ڪري، ھن نالي سان مشھور ٿي ويو.[1]
تحفة الطاھرين لکيل آهي ته: “بزرگ، پنھنجي حقيقي روحاني مرتبي کي لڪائڻ لاءِ، کِل چرچي جھڙين ڳالھين کي ڍَڪ بڻائيندو ھو، ان ڪري ئي کيس لُٽر سڏيندا ھئا.” لفظ لُٽر، اصل ۾ رنگ ھوندو ھوس.ڳالهه ٻولهه دوران سدائين علم ۽ عقل جي بنياد تي بيان جاري رکندو ھو.
مُلا لٽر جون ڪيتريون ئي چرچائي ڳالھيون مشھور آھن، پر انھن ۾ وڌاءَ کان ڪم ورتو ويو آھي. ڊاڪٽر عبدالغفور سنڌي لکي ٿو ته: ھن چرچائي جا ڪيترا ئي نصيحت ڀريا نڪتا مشھور آھن. حاضر جوابيءَ ۾ ساڻس ڇڊو ڪو لڳندو. ڪنھن به ساڻس ڳالھايو ئي مس ته ٺھ پھ جواب وٺي ويندو ھو. چڱي نيت واري کي چڱا ٻول ٻڌڻ ۾ آيا، پر جيڪڏھن ڪنھن مذاق طور کيس ڪجهه چيو ته ھڪ ئي لفظ ٻڌڻ سان ڪَن ٻوساٽيندو رمندو رھيو. سندس ترت مزاج جو اڻ ٿيڻي طور، ھڪ مثال ھيٺ ڏجي ٿو.
ھڪ ڀيري ملا درياءَ جي ڪناري تي وھنجي رھيو ھو. واٽ ويندي ٽي جوان اتان اچي لانگھائو ٿيا. ملا کي مٿي ۾ ميٽ پيل ڏسي، کِلي ويٺا. ملا سندس ٽھڪن جي پرواھ نه ڪئي. ھنن ويجھو اچي کانئس سوال پڇڻ شروع ڪيا. “مُلا! اسان ٽي سوال آندا آھن، مھرباني ڪري جواب ڏيو. ھڪ چيو: “چوندا آھن ته عورت جي دل درياھ آھي ته پوءِ، ھوءَ اڃايل ڇو ٿي رھي.” جواب ۾ چيائين ته: “جھڙي طرح درياءُ سُڪ کي سيراب ٿو ڪري، اھڙي طرح عورت به پنھنجي اھا قرباني پيش ڪري ٿي.” ٻئي چيو: “عاشق محبوب جي اڳيان ھلڻ پسند ڪندو آھي يا پٺيان؟” ملا وراڻيو “عاشق گڏھ جي مثال ته نه آھي جو ھو اڳيان ھلي. پر عاشق ۾ گُم ٿيل ضرور ھوندو آھي. تنھن تي ٽئين پڇيو ته “مُلا چِٽي طرح اھا ڳالھ سمجھاءِ ته ڌڪ ته دل کي لڳندو آھي ۽ آب اکين مان نڪرندو آھي، ڇو؟” انھيءَ تي ملا کِلي چيو ته “اکيون، دل جون ترجمان ٿين ٿيون. انھيءَ ڪري ڳَلن تان ڳوڙھن جو بوندون، بس نه ٿيون ڪن.” ملا لٽر جي حاضر جوابي ڏسي، واٽھڙو دنگ رھجي ويا.
سندس مزار ساموئي جي ڪناري تي آھي، جيڪا اڄ به عام ماڻھن جي زيارت جو مرڪز آھي. ھي جيئن ته حياتيءَ ۾ به ماڻهن کي کِلائيندو ھو، اھڙي طرح سندس مزار کي به ڏسي کِل اچي ويندي آھي، ڇو ته اھا گھڻي ڊگھي ۽ پوئتي پُڇ وانگر سنھي آھي.
لاڏاڻو
سنواريوملا لٽر 914ھ مطابق 1508ع ۾ وفات ڪئي. [2]
حوالا
سنواريو- ↑ تحفة الڪرام- سنڌي ايڊيشن- مترجم مخدوم امير احمد ص نمبر 481
- ↑ سنڌ جا عوامي ڪردار (دادا سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2016-06-08 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-11-25
- ↑ مڪلي نامو- مرتب سيد حسام الدين راشدي ص 150