ملئي ٻولي جا ڪجهه لفظ

ملئي ٻوليءَ ۾ ڪلاڪ کي جام سڏين ٿا. پيٽرول پمپن تي اڪثر وڏن اکرن ۾ لکيل هوندو آهي. JAM24 يعني چوويهه ڪلاڪ کليل آهي.

ڪمپونگ (Kampong): معني ڳوٺ، گهر، چار ديواري، ڪمپونگ بارو معني نئون ڳوٺ، ڪمپونگ لاما معنا پراڻو ڳوٺ.

نگارا- ڪوالالپمور ۾ نگارا لفظ به گهڻو ٻُڌڻ ۾ ايندو. نگارا (Negara) معنا قومي. مسجد نگارا معني قومي مسجد، زور نگارا معني قومي جانورن جو باغ، اهڙي طرح بئنڪ نگارا، ميوزم نگارا، وغيره.

تُن، داتڪ وغيره- اهي هتي جي بادشاهه طرفان ماڻهن کي مليل خطاب آهن. جيئن خانبهادر، راءِ بهار، سر وغيره.

تمن = باغ، چمن.

آير = پاڻي.

آيرباتو= برف جو ڳوڙهو. باتو معنا پٿر.

آير باتو چمپور (Air batu Campor) = ڳنڍا ڪلفيون.

ناسي (Nasi) = ڀت. سڪل چانورن کي Beras سڏجي ٿو.

ناسي ايام = ڪڪڙ ڀت، ناسي ڪوسونگ معني معني ٺلهو ڀت.

ڪوسونگ= ٻڙي، صفر، خالي.

ڪوسونگڪان (Kosongkan) = خالي رکو. پارڪنگ جي جاين تي ڪن ٽڪرن تي لکيل هوندو آهي. معنا اتي گاڏيون نه بيهاريو. شروع جي ڏينهن ۾ مون سمجهيو ته ڪوسونگ فقط انگ آهي ٻڙي (زيرو) آهي. ڪار پارڪنگ ۾ ڪوسونگ ڪان لفظ پرهي تعجب لڳندو هو ته ان جو مطلب ڇا ٿي سگهي ٿو. ٻڙي ڪريو! ڇو ته ملئي لفظ جي آخر ۾ kan وجهڻ سان معنا ائين ڪريو. پوءِ شايد هڪ ڏينهن پوليس واري چالان ڪيو، تڏنهن خبر پئي ته ڪوسونگ معني خالي پڻ آهي ۽ ان هنڌ تي گاڏي نه بيهارڻي آهي.

(Mati) = موت. ملائيشيا جي هر پئٽرول پمپ ٻاهران لکيل نطر ايندو آهي Matikan Injin جنهن جي لفظي معني ٿي انجڻ کي ماري ڇڏيو. موت ڏئي ڇڏيو. يعني پئٽرول وٺڻ مهل انجڻ کي بند رکو.

روتي= ماني، اوڦراٽو.

روتي تلور= بيضي واري روٽي.

روتي ڪوسونگ= رُکي روٽي، خالي ماني (بنا بيضي يا ڀاڄيءَ جي).

منڊي (Mandi) = وهنجڻ. Tiap Tiap Pagi Saya Mandi (روز روز صبح جو آئون وهنجان ٿو.)

بِلڪ= ڪمرو.

بلڪ منڊي= وهنجڻ جي جاءِ.

بلڪ دودڪ= وِهڻ جو ڪمرو، ڊرائنگ روم.

دودوڪ= وِهڻ. آفيس يا گهر ۾ ملڻ لاءِ ڪو مهمان ايندو آهي ته ملئي ماڻهن جي “دودوڪ”، “دودوڪ” شروع تي ويندي آهي. جيئن پاڻ چوندا آهيون: سائين وهو وهو.

هري آيا = وڏو ڏينهن= يعني عيد.

هري= (Hari) ڏينهن.

رايا- بنگارايا = (وڏو گل)،

جالان رايا = (وڏو رستو)

سُوسو= کير.

سمڀايانگ= (sembhyang) نماز.

پئاسا (Sarong) = گوڏ، وهاڻي جي ڇوَ، بندوق جو پوش- ويندي ڪنڊوم لاءِ سرونگ لفظ استعمال ٿيئي ٿو.

ٽنڊاس= سنداس، ڪاڪوس.

وقتو = (Waktu) وقت.

آپا- ڇا. آپا خبر = ڇا خبر.

آپا وقتو = (ڇا وقت آهي)

سبانگ هيرو = ڪئالالمپور جي هوائي اڏي جو نالو سبانگ ايئرپورٽ آهي.

باگوس= خوش، سٺو، سهڻو، بهتر.

آيرتيبو= (Air Tebu) ڳني جو رس.

ساتي- (Satey) = ٻوٽي ڪواب. پر هتي جي ساتي ۾ کنڊ به ٻرڪين.

مرتباڪ= قيمي وارو اڦراٽو.

ڪندوري= دعوت.

ناسي گورينگ= فراءِ ٿيل چانور.

ايام گورينگ= فراءِ ٿيل ڪُڪڙِ.

بيف ريڊانگ= ڀُڳل ٻوڙ (ڳائي جو).

اڊانگ= گانگٽ.

ادانگ چوچو= ننڍو گانگٽ (چوچو- پوٽو ڏهٽو).

مي، بي هون= سَوِين ۽ اسپاگهيٽي جا قسم.

منگو= هفتو.

منگو- اني= (هي هفتو)

ٽنگال= رهڻ (ٽنگالڪان- رهي پوڻ) Saya Tinggal di Sini (آئون هتي ئي رهان ٿو)

پسانگ-ڪيلو. پسانگ اِماس= (سون ورنو ڪيلو)

ناناس= انناس

بوليح= ڀلي، ائين ڪري سگهين ٿو. Boleh Cakap Melayu (ڇا تون ملئي ڳالهائي سگهين ٿو).

UMNO = يونائيٽيڊ ملئي نئشنل آرگنائيزيشن (ملئي ماڻهن جي سياسي پارٽي)

داتنگ= اچڻ.

سلامت داتنگ= ڀلي ڪري آيائو.

ڪوالا= ندي.

لمپور= گپ واري.

اورانگ= ماڻهو.

هُتان= جنگل.

چپات= جهٽ ڪر.

تاق ماهو، سڄو لفظ “تيداق ماهو” آهي = “نه کپي”.

انتوق ڪيراٽا انڊا= توهان جي ڪار لاءِ.

ديوان نگارا= نئشنل هائوس (سينيٽ).

باجو= قميص.

باجو ڪورونگ= زناني قميص، چولي جو قسم.

صديقت= ٿوري ٿوري. (سڪت سڪت پڻ چون)

جنگن= متان، هرگز نه. دريپادا= کان = From ڪپادا= ڏانهن= To [1] [2]

  1. ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-25 
  2. ڪتاب: ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه، ليکڪ: الطاف شيخ