مقالو (Treatise) ڪنهن به موضوع تي طويل مضمون هوندو آهي، جنهن ۾ موضوع بابت کوجنا ۽ حتمي دليل، حوالن سان شامل هوندا آهن. عمومي طور مضمون ۽ مقالي ۾ فرق نه سمجھيو ويندو آھي ۽ ٻنھي صنفن کي ھڪ ئي ڀانيو ويندو آھي، ليڪن بنيادي طور مضمون ۽ مقالو ٻه جدا شيون آھن، مضمون لکڻ لاءِ ايتري تحقيق ڪانه ڪبي آھي مگر مقالو تحقيقي آھي، ان ۾ حاصل ڪيل حوالن جي تحقيقي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ، ڪنھن نتيجي تي پھچبو آھي، مقالي لاءِ صفحن جو قيد نه هوندو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.