معياري وقت:(انگريزي: Standard Time ) مختلف جاگرافيائي خطن ۾ گھڙيالن جي وقت کي ساڳيو رکي ان خطي جو ھڪ معياري وقت مقرر ڪيو ويندو آهي. ان کان اڳ وقت جو طريقو شمسي وقت ، ڊگھائي ڦاڪ وارو وقت (meridian) وغيره وارا طريقا ھوندا ھئا. معياري وقت مقرر ڪرڻ جي شروعات اوڻويھين صدي ۾ ٿي. ان جي ضرورت ريلوي سفر ۽ موسمي اڳڪٿي ۾ مدد ڏيڻ لاء پيش آئي. ويھين صديءَ ۾ معياري وقت جو نظام پوري دنيا ۾ لاڳو ٿي ويو.اھڙي طرح عالمي نظام ۾ ساڳي وقت واري خطن جي شروعات ٿي ۽ ڪن خطن ۾ روشني بچائڻ واري وقت جي پڻ شروعات ڪئي وئي.

موجوده عالمي وقت جا خطا