معجزو (Miracle) مذهبي لوڪ شاعريءَ جي صنف آهي، جنهن ۾ بيتن جي صورت ۾ معجزن جو ذڪر ڪبو آهي. معجزو عربي لفظ، ”معجزه“ مان نڪتل آهي، جنھن جي معنيٰ اھو ڪم، جيڪو ڪرشماتي هجي، جنهن تي ظاهري طرح ويساھ نہ اچي. معجزن ۾ نبين سڳورن جي واقعن بابت شاعري موجود هوندي آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.