معاشي ڍانچو بهتر ڪرڻ لاءِ سهولتون

معاشي ڍانچو بهتر ڪرڻ لاءِ واڌ سهولتون يا اينهانسڊ اسٽرڪچرل ايڊجسٽمينٽ فئسلٽي Enhanced Structural Adjustment Facility - ESAF هڪ اهڙو سرشتو آهي، جنهن تحت غريب ملڪن کي ڏيهان ڏيهي (بين الاقوامي) مالياتي فنڊ طرفان رعايتي قرض ۽ ٻيون سهولتون مهيا ڪيون وڃن ٿيون ته جيئن سندن صحيح نموني سان اوسر ٿي سگهي. جيئن ته پوئتي پيل ملڪن جو اصل مسئلو سندن ادائگين جو بگڙيل توازن آهي، تنهنڪري سندن مالي سهائتا ذريعي انهن ادائگين ۾ توازن پيدا ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪرڻ سميت سندن ادارن ۽ معاشي ڍانچي ۾ بنيادي تبديليون آڻي، انهن کي سڌاري سنواري سندن ترتيب ڏنل وڏين معاشي رٿائن کي ٺيڪ ڪيو ويندو آهي.[1]

حوالا سنواريو