مطلع عربي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معني آهي ”اُڀرندڙ، ظاهر ٿيندڙ.“ اصطلاحي معنيٰ ۾ قصيدي يا غزل جي شروعاتي يا پهرئين بند جي ٻن مصرعن کي ”مطلع“ چئبو آهي. هن ۾ ٻئي مصرعون قافيي واريون هونديون آهن؛ يا وري قافيي سان گڏ رديف بہ شامل هوندوآهي. خاص ڪري غزل ۾ مطلع جو هجڻ تمام ضروري آهي. باقي ٻين شعرن ۾ انهيءَ جي ايتري ضرورت نہ هوندي آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.