مشاعرو (Poetic Gathering) شاعرن جي مجلس يا تقريب کي چئبو آهي. مشاعري ۾ شاعر واري واري سان پنهنجو ڪلام ٻڌائيندا آهن ۽ داد حاصل ڪندا آهن. انگريزن جي دؤر کان سنڌ ۾ مشاعرن جي شروعات ٿي، جنهن سان سنڌي شاعريءَ تمام گهڻي ترقي ڪئي، خاص طور تي عروضي شاعري پنهنجي عروج تي پهتي. مشاعرن جي ڪري ادبي جماعتون بہ وجود ۾ آيون آهن، جن اشاعتي ادارا ۽ نامور شاعر بہ پيدا ڪيا آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي