مسٽر گوڪلي
محمد علي جناح, آل انڊيا مسلم ليگ جي سالياني اجلاس، دهليءَ ۾ 24 اپريل 1943ع ۾ ڪئي وئي، جنهن ۾ هن چيو ته: پهرين ايڪٽ 1861ع ۽ ٻئي ڀيري ايڪٽ 1884ع جي روءِ سان، گورنر جنرل جي ڪائونسل ۾، مسلمانن کي تمام گهٽ نمائندگي ڏني وئي.
ان کان پوءِ 1907ع ۾ منٽو مارلي سڌارا آندا ويا ۽ چونڊن جو دائرو وسيع ڪيو ويو، پر جداگانا چونڊن جو مطالبو ڪيو.
مسٽر گوڪلي، جو هڪ وڏي هندوءَ دادا ڀائي نوروز جو شاگرد هو، تنهن ڪجهه اصول اڳيان آندا، مسٽر گوڪلي، مسلمانن جي مفاد جي حمايت شروع ڪئي. جن مان هڪ هي هو ته ’هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ ملي ڪري، پنهنجن حقن جو حل ڪڍن. گوڪلي، 1907ع ۾ چيو هو ته ’هڪ هندو اڪثريت جي مقابلي ۾، مسلمان ڊنل آهن، کين خطرو آهي ته ائين نه ٿئي جو انگريز جي غلاميءَ مان نڪري، هندن (اڪثريت) جا محڪوم ٿي وڃن، ۽ اها ڳالهه اهڙي ناهي، جنهن کي نظر انداز ڪري سگهجي.
دادا ڀائي نوروز جي انهن ڪوششن مناسب اتحاد جي اميد پيدا ڪئي هئي، پر ان دور جي هڪ اڳواڻ مسٽر بپن چندر پال، 1913ع ۾ هن طرح خيال ظاهر ڪيو: هندن ۽ مسلمانن ۾ جي اختلافات موجود آهن.
مسٽر گوڪلي جي ڪوششن سان ايندڙ اجلاس 1916ع ۾ (مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جا) لکنوءَ ۾ ٿيا، اتي هندوئن مسلمانن معاهدي تي گڏجي صحيون ڪيون. پر ان معاهدي کي برطانوي پارليامينٽ، مختلف طريقن سان، ٽوڙي مروڙي ڇڏيو. ان کان پوءِ مانٽيگو چيلمسفورڊ سڌارا آيا. [1]