مسجد قباء (عربي: مَسْجد قُبَاء) سعودي عرب جي حجاز واري علائقي ۾ مديني شریف ۾ واقع هڪ مسجد آهي، جيڪا ستين صدي عيسويءَ ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي حياتيءَ ۾ ٺاهي وئي هئي. هيءَ دنيا جی پھریں مسجد آھی جنهن کي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي مديني ڏانهن هجرت جي پهرين ڏينهن تي تعمير ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو ته ان جو بنياد نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم رکيو ويو ۽ ان جي اڏاوت نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي صحابين (رضي الله عنهم) مڪمل ڪئي.

مسجد قباء

مَسْجِد قُبَاء

مسجد جی پرانی عمارت جیکا 20ھین صدی م بیھر تعمیر سان پھریون ھئی۔

مقام مدینہ شریف، سعودی عرب
معلومات طرزِ تعمير
ماھر تعمير عبدالواحد الوکیل
طرز تعمير جدید اسلامی
گنجائش 30,000+
تعداد گنبذ 6
تعداد مينار ھک (اصل)

چار (ھان)

ھن مسجد جی متعلق قرآن م آیو آھی تہ؛

ترجمو:

”اھا مسجد جنهن جو بنياد روز اول کان ئي تقويٰ تي رکيو ويو، ان ڳالهه جي زياده حقدار آھي ته تون ان ۾ اٿي بيهه“.[1]

تاریخ سنواريو

پيغمبر اسلام کي جڏھن رب پاڪ طرفان ھجرت جو حڪم ٿيو ته نبوت جو تيرھون سال ھو. 12 سيپٽمبر 622ء تي رات جي وقت حضور اڪرم ﷺ جن حضرت ابوبڪر صديق جن کي پاڻ سان گڏ وٺي مڪي معظم کان غار ثور ڏي روانا ٿيا. ڪافرن جي حملي کان بچڻ لاءِ پاڻ ٽي راتيون ان غار ۾ لڪل رھيا. ٽن راتين کانپوءِ پاڻ مديني شريف روانا ٿيا ۽ 23 سيپٽمبر 622ء تي قبا پھتا. جتان مدينو منوره فقط ٽي ميل پنڌ تي ھو. قبا ۾ حضرت عمرو بن عوف کي حضور ﷺ جن جي مھمان نوازيءَ جو شرف حاصل ٿيو.

قرآن ۾ مسجد جو ذڪر سنواريو

پا ڻ ڪجهه ڏينهن ھتي رھي پيا ۽ مسجد ٺھرايائون، جيڪا مسجد قبا جي نالي سان سڏجي ٿي. مديني شريف ۾ اسلام جي ھيءَ پھرين مسجد ھئي. الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ سورھ التوبة جي 108 آيت ۾ ھن مسجد جو بيان ھن طرح فرمايو آھي:

ترجمو: ”اھا مسجد جنهن جو بنياد روز اول کان ئي تقويٰ تي رکيو ويو، ان ڳالهه جي زياده حقدار آھي ته تون ان ۾ اٿي بيهه“.[2]

مسجد قبا جي فضيلت سنواريو

اسلام ۾ ھن مسجد جي وڏي فضيلت آئي آھي. نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته: ”ھن مسجد ۾ ٻه رڪعتون نفل ادا ڪرڻ جو ثواب ھڪ عمري جي ثواب برابر آھي“. ان ڪري مديني جي زيارت ڪرڻ وارا مسجد قبا ۾ به وڃن ٿا. جتي نفل ادا ڪري دعائون گھرن ٿا.

حوالا سنواريو