مستقل اتحاد يا پرمنينٽ الائنس (Permanent Alliance) امن جي ڏينهن ۾ محدود مفادن جي حاصلات لاءِ مستقل بُنيادن تي وجود ۾ ايندڙ اتحاد کي ”مستقل اتحاد“ سڏجي ٿو. اهڙا اتحاد منڍ ۾ خاص مُدي لاءِ ٿينداآهن، پر پوءِ انهن جي لاڀائتي ۽ ڪارائتي ثابت ٿيڻ تي سندن مُدو وڌايو ويندو آهي. مثال طور جون 1881ع ۾ روس، آسٽريا ۽ جرمنيءَ جي بادشاهن پاڻ ۾ اتحاد ڪري، ٽن ورهين کانپوءِ ان جي ٻيهر نئون ڪيو. ساڳي طرح 1882ع ۾ وچ يورپ جي ٽن طاقتن يعني جرمني، آسٽريا ۽ اٽليءَ پاڻ ۾ اتحاد ڪيو، جيڪو 1915ع تائين قائم رهيو.[1]

حوالا سنواريو