مَرِيڙو، هيءُ ساڳُ جنهن کي هندستانيءَ ۾ لال ساڳ يا چَولائي ڪري سڏيندا آهن، سو هن ملڪ ۾ ته ٻج پوکڻ کان سواءِ پاڻهي به ٿيندو آهي. اڪثر غريبن جي ڪم ايندو آهي. هن جا گهڻا قسم آهن جي رنگ توڙي قد ۾ تفاوت رکن ٿا.[1]هي ٻوٽو ڏاڍي زمين ۾ اهڙو سٺو ڪونه ٿئي، پر ڪنئري وارياسي زمين، ڪرڙن، ڄارين، ڦوڳن ۽ ٻيرڙين وغيره وڻن جي اندر ڀرپاسي اوٽ ۽ ڀاڻ وارن هنڌن ۾ گهڻو ۽ سٺو ٿيندو آهي. هن جا پن گلاب جي گل جهڙا، پر ڪجهه لاٺيرا ۽ بنا ڏندن جي لسي ڪِنار سان چوٽي وارا ٿيندا آهن. ڊيگهه ۾ فوٽ کن ٿيندو آهي. ڏانڊي ۽ ٽاريون ڳاڙهيري رنگ جون ٿينديون آهن. پچڻ تي ننڍن ننڍن داڻن جا جهڳٽا ٿيندا آهن. جن ۾ ڪاي رنگ جو ٻج هوندو آهي.مَريِڙي جي ماڻهو ڀاڄي رڌي کائيندا آهن، جا بلڪل مزيدار ٿيندي آهي. سائو مريڙو پٽي ڇانو ۾ سڪائي رکيو آهي، جو سياري اونهاري ڀاڄي جي ڪم ايندو آهي. اٺ، رڍون، ٻڪريون ۽ ڇيلا کائيندا آهن[2].

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو