مريداڻي جمالين جو قبرستان
مريداڻي جمالين جو قبرستان انگريزي (Muridani Jamali's Graveyard) سنڌ جي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو ۾ جوهي شهر کان اتر-اولهه طرف ڪاڇو جي علائقي ۾ واقع آهي هيءُ قبرستان سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي دور جي حڪمراني جو آهي. مريداڻي جمالي مريد خان جمالي جو پونير آهن جنهن ڪري مريداڻ سڏجن ٿا. هن قبرستان ۾ ڪيترائي مقبرا آهن جيڪي ذبون حال آهن. هن قبرستان ۾ مقبرن جي ديوارن تي ٿيل چٽسالي مغل، اسلامي ۽ نج سنڌي آرٽ جو فن ڪم آيل آهي. مقبرن جي ڀتين تي چٽسالي خوبصورت ٿيل آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ "مريداڻي جمالين جو قبرستان : نج سنڌي آرٽ جو مثال .......عزيز ڪنگراڻي -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-06-29.